ٺلهه مارو

ٺلهه مارو

ٺلھہ مارو

ٺلھہ مارو: هي آثار ديھہ ۽ تپي فريدآباد، تعلقي ميهڙ ضلعي دادو جي سروي نمبر 21-/656 ۾ واقع آهي. آثار جي ڀر ۾ ڳوٺ قادر بخش رند سڏ پنڌ تي آهي. هي ٺلھہ ثقافتي دڙي تي ٺهيل آهي جو زمين کان اٽڪل 15 فوٽ کن مٿي آهي ۽ ڀرپاسي ۾ قبرستان اٿس. ٺلھہ ٽن تھن ۾ ٺهيل آهي. وچون حصو گول، چار ميٽر اوچو ۽ 120 س. م گهيري سان آهي. پڪين سرن مان ٺهيل هي حصو اصل مٽيءَ جي گاري سان لتل هو. انهي جي ٻاهران وري 60 س.م ٿولھہ وارو هڪ تھہ آهي، جو مٿي ٿولھہ ۾ گهٽبو وڃي ٿو. انهن ٻن تھن جي مٿان ٽيون تھہ آهي جو هڪ ميٽر ٿولھہ وارو آهي. هي بہ مٿي سوڙهو ٿئي ٿو. بهرحال هي اولھہ پاسي کان چاڙهي ٺهيل آهي جيڪا ٺلھہ جي چوٽيءَ تائين پهچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو