ٺلهه لکي غلام شاهه

ٺلهه لکي غلام شاهه

ٺلھہ لکي غلام شاھہ

ٺلھہ لکي غلام شاھہ: لکي غلام شاھہ ، جنهن کي تازو شڪارپور ضلعي ۾ تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي . هي ٺلھہ سکر- شڪارپور ۽ نئين ديري- سکر واري رستي جي ميلاپ واري هنڌ واقع آهي . هي ٺلھہ سادين پڪين سرن مان ويلڻي ( Cylindrical ) شڪل جو ٺهيل آهي . ٺلھہ هڪ ثقافتي دڙي تي ٺهيل آهي ۽ ان ۾ هڪ آرپار جارو دڙي جي سطح کان اڍائي فوٽ مٿي 1'-3"x1'-10" ٺهيل آهي جو يا تہ اصلي آهي يا وري ڪنهن خزاني جي ڳولائو جي ڀڃ ڊاھہ جو نتيجو آهي . دڙي تي هر طرف ٺڪراٺو پکڙيو پيو آهي جو ظاهر ڪري ٿو تہ ٺلھہ ڪنهن قديم ماڳ جي مٿان اڏيل آهي . دڙو اصل 15 کن فوٽ اوچو آهي ۽ ٺلھہ پڪين سرن جي 140 بارن تائين بچيل هو . جنهن جي اوچائي لڳ ڀڳ 25 فوٽ جيتري هوندي . ٺلھہ جو گهيرو 27'-6" جيترو آهي . جيڪڏهن ٺلھہ اصل ۾ زمين تان اوساريل نہ آهي يا ان جي بنياد ۾ ڪو پڪو ٿلهو ٺهيل نہ آهي تہ اهو ڪنهن بہ وقت ڪري سگهي ٿو . 1993ع تائين دڙي جي ٻاهران ويجهڙ ۾ ڪا حد دخلي نہ هئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو