ولي محمد تراب صوفي

ولي محمد تراب صوفي: صوفي ولي محمد”تراب“ 1936ع ۾ صوفي مبارڪ علي شاھہ جي گهر ۾ ڳوٺ تجل شريف تعلقي ناري ۾ ڄائو. پاڻ مسلڪ جي حوالي سان شھيد شاھہ عنايت صوفي جي فرزند سلام صوفي قادري ’ٿر ڌڻي‘ سان واسطي ۾ رهيو آهي. سنڌي فائنل تائين تعليم حاصل ڪيائين. هن عام تعليم محمد ونهيل شر تجل شريف هدايت علي جلالاڻي (ڳوٺ نصير فقير جلالاڻي)، شاھہ مغل (ڳوٺ نور بوزدار) ۽ رحيم بخش بوزدار (ڳوٺ باقر بوزدار) کان حاصل ڪئي، جڏهن تہ ديني تعليم آخوند خالق ڏني ۽ آخوند سائين ڏني کورکاڻي تجل شريف کان ورتائين. هن ضلعي خيرپور جي وارياسي ۽ ريگستاني علائقي، ناري ۾ پنھنجي شاعري وسيلي ماڻهن ۾ محبت جو پيغام عام ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ حمد، نعت، منقبت، گيت، غزل، بيت، وايون ۽ ڪافيون شامل آهن. وٽس مذهبي، صوفياڻو، ناصحاڻو ۽ عاشقاڻو رنگ موجود آهي. هن جو ذهني لاڙو تشريحيت ڏانهن هو، ان ڪري سندس شاعريءَ جو گهڻو حصو حضرت علي ڪرم وجہ، پنجتن پاڪ ۽ آل علي جي حب ۽ اڪير سان سرشار نظر اچي ٿو. ولي محمد تراب جهوڪ جي دڳ جو پانڌيئڙو ۽ صوفي تحريڪ جو پوئلڳ هو. هن پنھنجي ڪلام ۾ شاھہ عنايت جهوڪ واري کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن قلندر شهباز، موج علي شاھہ ۽ ٻين بزرگن جي شان ۾ بہ لکيو، صوفي تراب ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. ان کانسواءِ هن غزل ۽ شاعريءَ جو جون ٻيون صنفون بہ لکيون، سندس ڪلام ۾ سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسي زبان جو امتزاج ملي ٿو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”اذانِ عشق“، نصر لغاريءَ نومبر 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن ۾ سندس سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ڪلام موجود آهي، شاعريءَ ۾ صوفي صاحب جا استاد فدا ميرانپوري ۽ ولايت علي شاھہ انباھہ شريف وارا هئا. صوفي ولي محمد تراب 1948ع ۾، صوفي سلام جي درگاھہ جو نائون سجادہ نشين مقرر ٿيو، پاڻ 25 سيپٽمبر 1996ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو