سولنگي، وزير فرهاد

سولنگي، وزير فرهاد

وزير فرهاد سولنگي

وزير فرهاد سولنگي : اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. صحافت ۾ ايم. اي ڪيائين. 1989ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پنھنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ’ساٿي ٻارڙا سنگت‘ يونٽ مٺياڻيءَ کان ڪيائين ۽ پليٽفارم تان ڪيترا پروگرام منعقد ڪرايائين. هن 1990ع ڌاري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1992ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ’امن مارچ‘ ۾ هي اڳيان اڳيان رهيو. 1993ع ۾ اداڪاريءَ جي شوق ۾ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي آيو. کيس بيدل مسرور بدويءَ جي هڪ ڊرامي ’سفر‘ ۾ هڪ ڪردار مليو. ان کان پوءِ هن پي. ٽي. ويءَ جي ڪيترن مشھور ڊرامن جھڙوڪ: مور اڏاڻا مور، روپ هزار، وساريل واٽون وغيرہ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. 2004ع ۾ سنڌ ٽي. وي تي ليکڪ ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هن اتي بہ ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. فرهاد سولنگي سٺو راڳي بہ آهي. هي ليکڪ ۽ شاعر طور سنڌي ادبي سنگت موري ۾ سرگرم رهيو آهي ۽ شاخ جو سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.07.05  عيسوي

اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راهوحاجي الھداد خان
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
سيد ميران محمد شاھہ مير مهجور ٽکڙائي
اعجاز علي بيگ مرزا
ابوالحسن
درگداس بي آڏواڻي
فيروز احمد خواجہ ڊاڪٽر
ابن النديم
حڪيم يعقوب ڪوريجو
پير مٺا سائين حضرت خواجہ محمد عبدالغفار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون