هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي : هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، 6 فيبروري 1917ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ پوني (هندستان) ۾ وڃي آباد ٿيو. جتي هو اڳتي هلي IAS آفيسر ٿيو. هيرانند ساڌواڻي ڪيترن اهم سرڪاري عهدن تي رهي چڪو آهي. هن ڪليڪٽر بيجاپور ۽ بمبئي، ڊپٽي ڪمشنر بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊپٽي سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ وغيرہ. رٽائرمينٽ کانپوءِ ان لئڪس ۽ ٻڌراڻي هاسپيٽل پوني ۾ اعزازي فنانشل ڪنٽرولر جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب، جھڙوڪ: (1) The Golden Rose Way)، (2) نوري گرنٿ (انگريزي ترجمو)، (3) نوري (200 گيت) ڇپيل آهن.هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻيءَ جي رهائش ’فائيو اسٽار اپارٽمينٽس‘ پوني ۾ رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.02.06  عيسوي

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، 6 فيبروري 1917ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ پوني (هندستان) ۾ وڃي آباد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي
پرڀداس برهمچاري
نکل آڏواڻي
جارج برنارڊشا
دلمراد جمالي
شرميلا فاروقي
آخوند نور محمد ڀٽي
انيتا غلام علي
جمن چارڻ
خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون