نور محمد انڍڙ

نور محمد انڍڙ: مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪري اعليٰ ديني تعليم لاءِ ديوبند دهليءَ ويو، جتان فارغ التحصيل ٿي، مدرسہ قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد علي جوهر کان متاثر ٿي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انگريزن خلاف سخت تقريرون ڪيائين، هجرت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هجرت تحريڪ دوران گهر جو سمورو سامان ۽ ٻني وڪڻي افغانستان ڏانهن هجرت ڪيائين، پر پشاور پهچڻ بعد خبر پيس تہ پٺاڻن دغا ڪري انگريزن سان ٺاھہ ڪيو آهي، تڏهن ٻين سان گڏ واپس آيو. قطع تعلقات تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائين. سخت تقريرن ڪرڻ ڪري سکر جي ڪليڪٽر گبن کيس گهرائي چيو تہ: ”اسان ٻڌو آهي تہ اوهان ماڻهن ۾ بغاوت پکيڙيو ٿا“، مولوي نور محمد نهايت بي باڪيءَ سان کيس جواب ڏنو تہ: ”اسان پنهنجو حق گهرون ٿا، بغاوت نہ ٿا پکيڙيون، هي ملڪ اسان جو آهي، نہ ڪي توهان جو.“


لفظ نور محمد انڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1886  عيسوي

مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاهري جان محمد
اياز شاھہ
چولياڻي روپلو
قاضي علي اڪبر درازي
ظفر حسن مرزا جسٽس
انيلا ابڙو
سومر مرکنڊ
جي ايم ڀڳت
شبنم اداڪارہ
مخدوم ساهڙ لنجار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون