مير ڪرم علي خان ٽالپرڪرم :مير ڪرم علي خان ٽالپر پنھنجي ڀاءُ مير غلام علي خان جي وفات کانپوءِ تاريخ 6 جمادي الثاني 1227ھہ/ 1812ع تي سنڌ جو حاڪم ٿيو. هي پهرين چؤياري جو ٽيون نمبر حڪمران هو. هن پاڻ سان گڏ پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير مراد علي خان ۽ ڀائٽي مير مير محمد خان پٽ مير غلام علي خان کي حڪومتي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيو. مير ڪرم عليءَ جو دور سنڌ ۾ امن ۽ آسودگيءَ وارو دور هو. پاڻ علم پرور، شاعر ۽ عالمن جو قدر دان هو. سندس قدردانيءَ سبب ايران ۽ خراسان کان ڪيترن ئي عالمن حيدرآباد ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪئي. ٺٽي جي علمي زوال کان پوءِ حيدرآباد علم ۽ ادب جو مرڪز بنيو. مير فتح علي خان ابتدائي زماني ۾ خراسان کي خراج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو، پر جڏهن شجاع الملڪ تخت تي ويٺو تہ سن 1221ھہ/ 1806ع ۾ پهريون دفعو وزير شير محمد، سنڌ جي ٽالپرن کان خراج وصول ڪرڻ لاءِ شڪارپور آيو ۽ ”باغ شھزاد“ ۾ منزل انداز ٿيو. ٻن ٽن مهينن بعد ميرن خراج ادا ڪيو ۽ قيمتي تحفا پيش ڪري پنھنجي فرمانبرداريءَ جو مظاهرو ڪندي شاھہ شجاع کي رخصت ڪيو. ٻيهر سنڌ جي ٽالپرن خراج ڏيڻ ۾ دير ڪئي، تہ بہ شاھہ شجاع سن 1225 ھہ/ 11-1810ع ۾ شڪارپور پهتو تہ ميرن خلوص ۽ فرمانبرداريءَ جو مظاهرو ڪيو، خراج تقريباً ويھہ لک رپيا ڏنائون. ان کان سواءِ نفيس ۽ قيمتي تحفا شاھہ جي اڳيان پيش ڪيائون. انهيءَ دور ۾ ئي خبر آئي تہ راجا رنجيت سنگهہ جو پوٽو سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪرڻ جي خيال سان مٺڻ ڪوٽ اچي پهتو آهي، مير ڪرم علي خان جو خيال هو تہ لشڪر وٺي شڪارپور جي سرحد تي مقابلو ڪجي، پر مير مراد علي اهو مناسب نہ سمجهيو ۽ آغا اسماعيل شاه کي پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪري بمبئي موڪليائين تہ گورنر سان انهيءَ مسئلي تي ڳالهائي. آغا صاحب جي بمبئي پهچڻ کان اڳ سر جان مالڪم وطن روانو ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي لارڊ ايلفنسٽن گورنر مقرر ٿي آيو. جنهن ٽالپري سفير جي پذيرائي ڪئي. لارڊ ايلفنسٽن لڌياني ۾ انگريز ريزيڊنٽ ڪيپٽن ويڊ جي ذريعي راجا رنجيت سنگهہ سان لکپڙھہ ڪئي. راجا رنجيت سنگهہ جواب ڏنو تہ سندس پوٽو دسهڙي جي موڪل ملهائڻ مٺڻ ڪوٽ ويل آهي، سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جو خيال سندس دل ۾ ڪونهي. ساڳئي وقت ملتان جي نائب حاڪم ديوان سانوڻ مل جي معرفت رنجيت سگهہ ٽالپرن ڏانهن دوستاڻو خط موڪلي ذاتي طرح غلط فهمي دور ڪئي. انهيءَ زماني ۾ شاھہ شجاع الملڪ، سردار محمد عظيم خان کان شڪست کائي، شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اتي جو جائزو ورتائين تہ شڪارپور مالي لحاظ کان موزون ڪونهي. ان ڪري هن ميرن کي پنهنجو همنوا بنائڻ لاءِ خط لکيا ۽ ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ قلندر جي زيارت جي بهاني سان حيدرآباد ۾ آغا ابراهيم شاھہ وٽ اچي پهتو. ان زماني ۾ مير ڪرم علي خان شڪار تي ويل هو، تنهن کي جلدي حيدرآباد جي فوجدار ميان علي بخش خبر ڏني تہ شاھہ شجاع حيدرآباد پهچي چڪو آهي. مير صاحب ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ جلدي حيدرآباد موٽيو ۽ شاھہ شجاع جي مصاحبن سان ملي مٿاهين دل سان سندن خدمت گذاريءَ جو وعدو ڪيائين. شاھہ شجاع حيدرآباد مان ٿيندو، خيرپور پهتو، جتي هن مير سهراب خان سان ملاقات ڪئي ۽ اهڙي قسم جي وعدي لاءِ زور ڀريو، پر مير سهراب خان انڪار ڪيو ۽ چيو تہ حيدرآباد جي ميرن وارو وعدو ڪافي آهي. مير سهراب خان حيدرآباد جي ميرن جي عقل ۽ دانش تي افسوس ڪندي چوندو هو تہ بادشاهي مهمان کي هلائڻ مشڪل ڪم آهي، حيدرآباد جا مير انهيءَ وعدي کي پورو ڪري نہ سگهندا ۽ هو پاڻ کي بدنام ڪرائي وعدہ خلافيءَ جو باعث بنجندا. آخر ٿيو بہ ائين شاھہ شجاع شڪارپور پهتو ۽ جنگ جي تياريءَ ۾ مصروف ٿي ويو، هن شڪارپور واسين تي وڏا ظلم ڪيا. آخر تنگ ٿي ٽالپر اميرن آغا ڪاظم شاھہ کي پنهنجو وڪيل بنائي ڪابل ۾ سردار عظيم خان ڏانهن موڪليو ۽ سنڌ ۾ اچڻ جي درخواست ڪئي. سردار عظيم خان سن 1236 ھہ/ 21-1820ع ۾ ميرن جي درخواست تي ڀاڳ پهتو. پهچڻ سان هن خراج جي وصوليءَ تي زور ڀريو، جيڪو ڪابل کان شڪارپور تائين هر هڪ منزل جو هڪ لک رپيا هو. اهو خرچ تمام گهڻو هو ۽ ٽالپر ڏيڻ لاءِ راضي نہ هئا، تنهن ڪري هنن هڪ درخواست شاھہ شجاع ڏانهن موڪلي، جنهن ۾ مدد جي درخواست ڪيائون. مگر عظيم خان ميرن جي رويي کي سمجهي ويو ۽ صلح ڪيائين. شاھہ شجاع مايوس ۽ ڏکارو ٿي پنهنجو ڪجهہ سامان مير سهراب خان وٽ امانت طور رکي جيسلمير رستي لڌياني جو رخ ڪيو. سردار محمد عظيم، مير ڪرم عليءَ سان صلح ڪرڻ بعد شڪارپور پهتو ۽ اها رقم جنهن جو مير صاحبن وعدو ڪيو هو وصول ڪئي ۽ شڪارپور پنھنجي قبضي ۾ ڪري ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ شير دل خان کي پنهنجو نائب مقرر ڪري خراسان روانو ٿيو. انهي دوران افواه اٿيو تہ رنجيت سنگهہ شڪارپور تي حملو ڪرڻ وارو آهي، اها خبر ٻڌندي مير ڪرم علي خان پنھنجي ٻين رفيقن سان صلاح مشورو ڪري فيصلو ڪيو تہ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي سربراهي ۾ هڪ لشڪر موڪلجي. جيئن تہ نواب صاحب سياست کان واقف هو. ان ڪري عبدالمنصور سان، جيڪو ان وقت سردار عظيم خان طرفان شڪارپور جو حاڪم هو، ملاقات ڪري امن ۽ سڪون سان شڪارپور پنھنجي قبضي ۾ ڪيائين ۽ ڪجهہ وقت کانپوءِ آغا ڪاظم شاھہ کي ٽالپرن طرفان شڪارپور جو ناظم مقرر ڪيائين. مير ڪرم علي خان 1244 ھہ/1828ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت سندس عمر 63 سال هئي. هن ڪل 17 سال حڪومت ڪئي. هي پهريون ٽالپر حڪمران هو، جنهن کي حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر تي مقبرو ٺهرايو ويو. جنهن تي ان وقت جا 12 هزار رپيا خرچ ٿيا. ان جي نقاشي ۽ سنگ تراشي اعليٰ نموني جي آهي. مير ڪرم علي خان شاعر هو، ۽ تخلص ”ڪرم“ ڪم آڻيندو هو. سندس دربار هميشہ شاعرن سان ڀريل نظر ايندي هئي. مير صاحب جي تصنيفن ۾ ”ديوان ڪرم“ ۽ ”مجموعه دلڪشا“ شامل آهن. مجموعه دلڪشا ۾ مير صاحب پنھنجي ذوق مطابق ان وقت جي مشھور شاعرن جا شعر جمع ڪيا آهن. مير صاحب جي علمي ذوق ۽ قدر دانين کي ڏسندي ان دور جي ڪيترن ئي مصنفن پنهنجون تاليفون، مير صاحب جي نالي منسوب ڪيون. مثلاً مخدوم نور محمد ”نور“ بوبڪائيءَ، حڪيم محمد ارزانيءَ جو عربي ڪتاب ”حدود الامراض“ جو فارسي ۾ ترجمو ڪري مير صاحب جي نالي سان منسوب ڪيو. ميرزا احسن ڪربلائي لکيو آهي تہ مون کي مير صاحب جا ٻہ ديوان ڏسڻ ۾ آيا. هڪ اهو ديوان، جو مير صاحب جيئن غزل چيا آهن، تيئن لکيا ويا آهن. ٻيو اهو ديوان جو ساڳئي ديوان جي اصلاح ڪري لکيو ويو آهي. ’ديوان ڪرم‘ 2003ع ۾ ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحيءَ جي ڪوشش سان ڇپجي چڪو آهي. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ٽالپر گهڻو ڪري هڪ ٻئي جي تتبع تي غزل چيا آهن، جي اصل ۾ فارسي شاعرن جي تتبع تي چيل آهن.