ٽالپر مير نور محمد ڊاڪٽر

ٽالپر مير نور محمد ڊاڪٽر

مير نور محمد ٽالپر ڊاڪٽر

مير نور محمد ٽالپر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر مير نور محمد 15 فيبروري 1935ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 1950ع ۽ 1952ع ۾ ورتل مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جي امتحانن ۾ ترتيبوار فرسٽ ڪلاس ٽيون نمبر ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. رياضيءَ سان دلچسپي هئڻ ڪري، رياضيءَ کي خاص مضمون طور اختيار ڪيائين. اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.ايس. سي (آنرز) ۽ 1956ع ۾ ايم. اي (رياضيءَ) جون سندون حاصل ڪيائين. ٻنهي امتحانن ۾ ٻئي دفعا فرسٽ ڪلاس، فرسٽ آيو ۽ سونو ٻلو حاصل ڪيائين. جلدي کيس ميرٽ اسڪالر شپ ملي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي کيس امپيريل ڪاليج لنڊن مان ايم. ايس. سي جي ڊگري ملي. ساڳئي سال ساڳئي ڪاليج مان ڊي. آءِ. سي (ڊپلوما آف امپريل ڪاليج) جي ڊگري بہ حاصل ڪري ورتائين. ان کان پوءِ موٽي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ سينيئر ليڪچرار طور رياضيءَ جي شعبي سان وابستہ ٿيو. مگر رياضيءَ جي وڌيڪ حاصلات واري خيال کيس آرام سان ويهڻ نہ ڏنو ۽ 1964ع ۾ ڪولمبو پلان فيلوشپ تحت رياضيءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ ٻيهر لنڊن روانو ٿيو. آخرڪار ڊسمبر 1967ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ”پروفيسر ڊبليو. ڪي. جي مان“ جي نگرانيءَ هيٺ رياضيءَ ۾ ”پي. ايڇ. ڊي“ جي ڊگري وٺي وطن واپس وريو. 1968ع ۾ شعبي جو ريڊر ۽ 1970ع ۾ پروفيسر ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رياضيءَ جو موجودہ شعبو سندس ڪوششن جو ثمر آهي. شعبي جي ترقيءَ لاءِ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيائين، سندس قابليت جو اعتراف ڪندي پوري پاڪستان ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضيءَ جي شعبي کي ”خالص رياضيءَ جو اعليٰ مرڪز“ (Center of Excellence in Pure Maths) قرار ڏنو ويو. انهيءَ ڳالھہ جو کيس هميشہ اونو رهندو هو تہ ڪيئن پنھنجي زندگيءَ ۾ ان ڳالھہ جو عملي ثبوت ڏئي، پر اهو خواب سندس حياتيءَ ۾ پورو ٿي نہ سگهيو. بهرحال اهو سڀڪجهہ سندس ڪوششن جو ئي نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن 75-1974ع جي بجيٽ ۾، رياضيءَ جي شعبي کي انسٽيٽيوٽ جي حيثيت ڏني.
ڊاڪٽر مير نور محمد رياضيءَ جي ميدان ۾ بين الاقوامي شھرت ۽ سڃاڻپ جو مالڪ هو. هو هڪ ئي وقت رياضيءَ جي ڪيترين ئي بين الاقوامي تنظيمن ۽ سوسائٽين جو ميمبر هو، جھڙوڪ: جنوري 1970ع کان ”لنڊن مئٿميٽڪل سوسائٽي“ جو باقاعدي ميمبر رهيو. ان کانسواءِ جنوري 1971ع کان ”آمريڪن مئٿميٽڪل ايسوسيئيشن“ جو ميمبر رهيو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رياضيءَ جي بين الاقوامي سيمينارن ۾ شرڪت ڪيائين. 1962ع ۾ نيشنل سائنس فائونڊيشن طرفان رٽگرس يونيورسٽي، نيو برنس وڪ، نيو جرسي (آمريڪا) ۾ رياضيءَ جي استادن لاءِ ٿيل ڪورس ۾ شامل ٿيو. رياضيءَ جي وڌيڪ اڀياس جي سلسلي ۾ فيڊرل ريپبلڪ آف جرمنيءَ طرفان دعوت ملڻ تي پهرين آڪٽوبر 1971ع کان 15 ڊسمبر 1971ع تائين جرمنيءَ ۾ رهيو. وري آڪٽوبر 1973ع کان آگسٽ 1974ع تائين سينئر فل برائٽ اسڪالرشپ تي ”الينوائس يونيورسٽي“ آمريڪا ۾ وزيٽنگ اسڪالر جي حيثيت سان تحقيق ڪيائين. 1975ع ۾ “Complex Analysis” جي سلسلي ۾ اٽليءَ ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ 17 مئي تي روانو ٿيو، پر 21 مئي تي سيمينار شروع ٿيڻ کان اڳ سندس موت واقع ٿيو، اهو شڪ پيدا ٿيو تہ کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو.
ڊاڪٽر مير نور محمد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن. خاص طور گذريل ڏهن سالن ۾ نصاب جي تجديد (Modernization) جون جيڪي بہ تبديليون آيون، انهن ۾ سندس وڏو هٿ هو. ان ڏس ۾ سينٽرل بيورو آف ڪريڪيولم رياضيءَ جي قومي ڪاميٽيءَ جو هو چيئرمن بہ رهي چڪو هو. ان کانسواءِ 7 مئي 1967ع تي لاهور ۾ تعليمي ماهرن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ”رياضيءَ ۾ کوجنائون ۽ نصاب ۾ بين الاقوامي سڌارا“ موضوع تي هڪ عالمانه تقرير ڪئي هئائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڏھہ ساله رپورٽ (1958-1968ع) ”پاڪستان ۾ رياضيءَ جي تعليم جي تجديد“ سندس هڪ فاضلانه تحرير آهي. مطلب تہ مڊل اسٽينڊرڊ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين نصاب جي نواڻ ۾ سندس خدمتون قابل قدر آهن. 1970، 1971 ۽ 1972ع ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين ”نئين ابتدائي رياضي“ جي ڪتابن لکڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو سھرو سندس سر تي آهي. ان کان سواءِ 1971ع ۾ پوري پاڪستان سطح تي يونورسٽي گريجوئيٽ ڪورسن لاءِ رياضيءَ جي ڪتاب “Calculus and Analytic Geometry” جو ايڊيٽر ۽ هڪ ليکڪ ٿي رهيو. اسلام آباد ۾ يونيسڪو طرفان ٿيل ڏکڻ ايشيا جي ملڪن تي هسٽري آف سائنس جي انتظام تحت ”الخوارزميءَ جو رياضياتي ذهن“ (Mathematical genius of Al-khwarzami) تي هڪ تفصيلي مقالو پڙهيو هئائين.”سنڌ صدين کان“ بين الاقوامي سيمينار ۾ ”ميرن جا ڪتبخانا“ عنوان تي بہ هڪ مقالو پڙهيو هئائين. انهن مضمونن ۽ مقالن کا سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي مضمون لکيائين. جيڪي آل پاڪستان سائنس ڪانفرنس ۽ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي ڪانفرنسن ۾ پڙهيا هئائين. ڊاڪٽر ٽالپر صاحب ايترين مشغولين ۽ سرگرمين ۾ مصروف هئڻ جي باوجود رياضيءَ سان پنهنجو دلي لڳاءُ قائم رکيو ۽ پنھنجي وڌيڪ تحقيق جاري رکندو آيو. ان ڪري چڱي انداز ۾ تحقيقي مضمون (Research Papers) بين الاقوامي شھرت وارن رسالن ۾ ڇپيا هئس ۽ ڪجهہ ڇپجڻ لاءِ منظور ٿيا هئس. مختصر طور سندس خاص مقالن جا موضوع ۽ تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:
1. “Subharmoic functions”, M. Sc thesis, London University 1960.
2. “On the Sets Where a Subharmonic Function in Large”, Ph. D thesis, London University 1967.
3. A subharmoic Analogue of Iversen’s Theorem. (to appear) in Proceedings of the London Mathematical Society.
4. On the Growth of Subharmonic Functions on Asymptotic Paths. To appear in Proceedings of the London Mathematical Society.
5. On Existence of Asymptotic Paths for Subharmonic Functions in Rm. To appear in Proceedings of the London Mathematical Society.
6. Generalization of a Theorem of Hayaman. To appear in Sept. 75 in Illionis Journal of Mathematical.
7. On Growth of Certain Classes of Subharmonic Functions in R3. (Submitted for publications).
8. On a lemma of Tsuji. (Submitted for publications)
ڊاڪٽر صاحب انهيءَ ٿوري عرصي دوران قوم ۽ ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي. ان جو سبب صاف ظاهر آهي تہ منجهس ڪم ڪرڻ جو عزم ۽ اتساھہ موجود هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضي جي شعبي جو 1967ع کان وٺي 1973ع تائين سربراھہ ٿي رهيو ۽ وقت بوقت شماريات جي شعبي جي پڻ واڳ سنڀاليائين. ان عرصي دوران يعني 1968، 1969 ۽ 1970ع ۾ ڪاليجي استادن لاءِ جيڪي نئين نصاب ۾ مختلف ڪورسز ترتيب ڏنا ويا هئا، تن ۾ ليڊر ٽرينر جي حيثيت سان فرائض سر انجام ڏنائين. ان کانسواءِ پاڪستان جي مختلف تعليمي ۽ سائنسي جماعتن جي ميمبر هئڻ جي حيثيت ۾ سندن هٿ ونڊائيندو رهيو. مثال طور هو سنڌ صوبي جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر، نيشنل سائنس ڪائونسل جو ميمبر، سائنس فائونڊيشن'>پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي ٽرسٽيز جو ميمبر، يونيوسٽي گرانٽس ڪميشن جو نمائندو ۽ ميمبر، لاهور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نيشنل ميوزيم جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر هو. ان سان گڏ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو بنياد رکندڙ ميمبر ۽ آخر وقت تائين سوسائٽيءَ جو خزانچي ٿي رهيو. وفاقي وزارت تعليم وارن کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڀال تحت، رياضيءَ تي هڪ سيمينار منعقد ڪرائڻ لاءِ ڪافي پئسا منظور ڪرايا هئائين. پاڻ 17 مئي 1975ع تي اٽليءَ ۾ ٿيندڙ هڪ سيمينار ۾ شريڪ ٿيو تہ هڪ سازش تحت کيس زهر ڏياري 21 مئي 1975ع تي شھيد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.15  عيسوي

ڊاڪٽر مير نور محمد 15 فيبروري 1935ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو


1975.05.21  عيسوي

ڊاڪٽر مير نور محمد 21 مئي 1975ع تي شهيد ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau
راڻي
مير بزرگ بکري
سلمان طاهرعلامه
قاسم پٿر
سليمان خان ٽالپر
پيرزادو مير محمد
عبدالرزاق کهڙو
عبدالستار اسحاق حاجي
خشڪ عبدالله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون