
ٽالپر مير محمد حسن علي خان
مير محمد حسن علي خان ٽالپر : مير محمد حسن علي خان ٽالپر، مير محمد نصير خان ٽالپر جو فرزند هو ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾ 26 ذوالقعد سن 1240 ھہ 1824ع ۾ ڄائو.
مير نصير خان شھزادي جي تعليم لاءِ قاچاريه درٻار جو ايراني عالم سيد مجتهد ۽ سنڌي عالم آخوند احمد مقرر ڪيا. سندس ذهانت جو اهو حال هو، جو پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين.
1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ کيس والد سان گڏ نظربند ڪري ڪلڪتي موڪليو ويو، جتي ويھہ سال رهيو. مير صاحب جي سوانح حيات جو مطالعو ڪندي خبر پوي ٿي تہ پاڻ ڪلڪتي ۾ اسيريءَ جي زماني ۾ بہ مطالعي ۽ عبادت کان غافل نہ رهيو. ان جو مثال هي آهي تہ ڪلڪتي ۾ سي. جي. عيسائي پادريءَ اسلام جي خلاف ”ميزان الحق“ نالي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکي ۽ شايع ڪرايو. جنهن جو مير صاحب ”لسان الحق المسميٰ بہ رد نصاريٰ“ ڪتاب فارسي نثر ۾ 568 صفحن جو لکي پنھنجي قابليت جو داد ڏنو. ڪتاب جي آخر ۾ مير صاحب لکي ٿو تہ ”هي هيڏو ڪتاب مون ڇھن مهينن جي مختصر عرصي ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري اهڙيءَ محنت سان لکيو آهي، جو منهنجي آڱرين مان رت روان آهي ۽ الحمدالله هي ڪتاب انهي تاريخ تي لکي پورو ڪيو اٿم، جا منهنجي ڄمڻ جي تاريخ آهي“. اهو ڪتاب اُن وقت لنڊن ۽ لاهور مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو.
مير صاحب سن 1863ع ۾ ڪلڪتي مان پنھنجي وطن سنڌ حيدرآباد موٽي آيو. ان وقت سندن عمر 40 سال هئي. کيس حڪومت برطانيہ طرفان 3000 هزار رپيا ماهوار پينشن ملندي هئي. سندس علمي دلچسپي ۽ سخاوت جو هي مثال نمايان آهي تہ جڏهن سنڌ مدرسته السلام جي باني حسن علي آفنديءَ مدرسي جي تعمير لاءِ چندو گهريو، تڏهن مير صاحب 60000 رپيا امداد ڏني.
مير صاحب نماز ۽ روزي جو پابند، عالم، فاضل، متقي ۽ شرع محمديءَ کان واقف هو. هڪ دفعي حڪومت برطانيہ ڪنهن مري ويل نواب جي ملڪيت جو ڪيس حيدرآباد ۾ مير صاحب جي حوالي ڪيو ۽ مير صاحب ٿوري عرصي ۾ اسلامي عدل مطابق پنهنجو فيصلو ڏنو ۽ نواب جا وارث پاڻ ۾ راضي ٿي ويا. انهي فيصلي کان متاثر ٿي حڪومت برطانيہ کيس ڪي، آئي، سي جو خطاب عطا ڪيو.
مير صاحب 85 سالن جي عمر ۾ سن 1907ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ کيس سندن بنگلي ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ۽ سن 1911ع ۾ مير نور محمد خان ”حمزويءَ“ جي حڪم سان لاش کي ”دواري“ نالي بحري جھاز رستي ڪربلا معليٰ روانو ڪيو ويو ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جي روضي اقدس جي صحن ۾ آڻي حجري ۾ پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. دفن جي تاريخ 12 جمادي الاول 1330 ھہ/ 1911ع آهي.
مير صاحب 1863ع ۾ ڪلڪتي کان واپس حيدرآباد آيو تہ هميشہ مغموم رهندو هو. ٽنڊي آغا جي ميرزا فتح علي بيگ، مير صاحب وٽ اهلبيتن جي شان ۾ هر رات جو ڪڏهن مناقب ۽ ڪڏهن مرثيا پڙهندو هو. هڪ دفعي مير صاحب جو چاھہ ڏسي ميرزا صاحب عرض ڪيو تہ قبلہ جيڪڏهن توهان بہ شاعريءَ جي ميدان ۾ پنھنجي ڪميتِ قلم کي جولان ڏيو تہ ڏاڍو چڱو ٿئي. ان کان پوءِ مير صاحب شعر ۾ طبع آزمائي شروع ڪئي ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن شعر بہ بهتر کان بهتر چوندو ويو. مير صاحب پنهنجو تخلص ”حسن“ رکيو.
مير حسن علي خان بادشاهيءَ وارو زمانو بہ ڏٺو ۽ نظر بنديءَ وارو زمانو بہ ڏٺو. پنهنجن بزرگن وانگي اثنا عشري هو. سواءِ اهلبيت جي ٻيو ڪو بہ شعر نہ چيائين. مير صاحب ڪڏهن بہ ڪنهن کان شعر ۾ اصلاح نہ ورتي. سندس شاعريءَ جو بنيادي مقصد، اهلبيت عظام جي مدح و ثنا آهي.
ٽالپرن جي عھد حڪومت ۾ درباري شاعر يا خود مير صاحبان (حڪمران ۽ شھزادا) فارسي زبان ۾ شعر چوندا هئا. مير صاحب بہ ان زماني جو هو، ان ڪري پنھنجي ڪلام ۾ سنڌيءَ سان گڏ فارسي بہ ڪم آندي اٿس.
مير صاحب جا مرثيا نهايت اثرائتا ۽ جذبات سان ڀريل آهن ۽ سندس مرثين ۾ فصاحت، بلاغت ۽ شيريني آهي. مير صاحب پنھنجي مرثين ۾ نوان نوان اسلوب سنڌي زبان ۾ ڪثرت سان پيدا ڪيا آهن. هڪ ئي واقعي کي الڳ الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان بيان ڪري نئون ميدان پيدا ڪيو آهي. مير صاحب جا هيٺيان ڪتاب موجود آهن. جن مان ڪي شايع ٿيا ۽ ڪي اڃا قلمي صورت ۾ آهن:
(1) لسان الحق في ميزان الصدق فارسي نثر ۾ (هي ڪتاب سي، جي فادر جي ڪتاب ميزان الحق جو جواب آهي. هي ڪتاب پهرين 1308 ھہ ۾ لاهور مان شايع ٿيو.
(2) مختارنامو، سنڌي نظم ۾ ٻن جلدن ۾ جلد اول 1892ع، جلد ٻيو 1895ع ۾ ڇپيو.
(3) رويائي صادقه، فارسي نثر ۽ نظم ۾ ڇپيل (هن ۾ جيڪي مير صاحب خواب ڏٺا هئا، تن جو احوال آهي)
(4) فارسي مرثيا، 1321 ھہ ۾ لاهور مان شايع ٿيا.
(5) نھر البڪا (هن ۾ فقط سلام آهن ۽ 1326 ھہ ۾ لاهور مان شايع ٿيو)
(6) مثنوي فتح نامو سنڌي (1938ع سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ مان هن مثنويءَ جو تمام ٿورو اقتباس شايع ٿيو)
(7) احسن البيان، اردو نثر ۾ (هي ڪتاب پادري عماد الدين پاڻي پتيءَ جي رسالي تحقيق الايمان جو جواب آهي)
(8) رد خوارج، سنڌي نثر ۾ (مير محمد علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان واري جي عزاداريءَ بابت سوالن جي جواب ۾ آهي)
(9) مجموعه خطوط، فارسيءَ نثر ۾ (سي، جي پادريءَ جي خطن جا جواب)
(10) مجموعه خطوط، نثر فارسيءَ ۾ (آخري تاجدار سنڌ مير نصير خان قيد دوران جيڪي خط پنھنجي بيگمات کي لکيا، تن کي تاريخ وار گڏ ڪري، هڪ تاريخ جو حصو بنايو)
(11) شڪار بابت ٻن جلدن ۾ ڪتاب (جيڪي مير صاحب شڪار ڪيا، تن جو احوال)
(12) حملہ حيدري ٻہ جلد (حضرت علي عليہ السلام جي جنگين جو منظوم احوال. اها مثنوي ميرزا عباس علي بيگ وڏي محنت سان مرتب ڪري چڪو آهي. ميرزا صاحب مثنوي جي هر هڪ باب تي روشني وجهڻ کانپوءِ مثنويءَ تي فصاحت و بلاغت جي روشنيءَ ۾ پڻ وڏو بحث ڪيو آهي.)
(13) ڪليات مناجات نعت ۽ منقبت.
(14) بياض چهارده معصومين عليہ السلام جي شان ۾ چيل قصيدو.
(15) ڪليات مرثيہ
(16) نهج البلاغه جو سنڌي نظم ۾ ترجمو.
(17) شاهڪار حسن، مرتب ميرزا عباس علي بيگ (ميرزا عباس علي بيگ شاهڪار حسن ۾ چوڏهن معصومن جا قصيده ۽ مرثيہ وڏي محنت سان مرتب ڪري انجمن اماميہ سنڌ طرفان 1965ع ۾ شايع ڪرايا. هن ڪتاب جي تياري ۾ پاڻ پنھنجي پيءُ ميرزا امام علي بيگ، چاچي ميرزا قربان علي بيگ ۽ حسن بخش مرڙاڻي جي لکيل قلمي بياضن مان مرثيہ ۽ قصيده نقل ڪيا).
(18) ڪلياتِ حسن (هن وقت مير حيدر علي خان ٽالپر وڏي محنت سان ميرزا فتح علي بيگ جي مدد سان مير حسن علي خان ٽالپر جو ڪلام شايع ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ’ڪلياتِ حسن‘ جا ٻہ جلد (2007ع ۽ 2009ع) منظر عام تي اچي چڪا آهن. جن کي ميرزا فتح علي بيگ مرتب ڪيو آهي).
(19) تحفته المسلمين و هديته المومنين، لاهور مان 1316ھہ/ 1898ع ۾ شايع ٿيو.
1824.00.00 عيسوي
مير محمد حسن علي خان ٽالپر حيدرآباد جي قلعي ۾ 26 ذوالقعد سن 1240 هه 1824ع ۾ ڄائو
1907.00.00 عيسوي
مير محمد حسن علي خان ٽالپر 85 سالن جي عمر ۾ سن 1907ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي