مير عبدالله ٺٽوي سبزواري

مير عبدالله ٺٽوي سبزواري : مير عبدالله سبزواريخان عريضيءَ‘ جي نالي سان مشھور هو ۽ سندس تخلص ’عريضي‘ هو. هي سيد ابوالمڪارم سيوستاني بن سيد غياث الدين محمد المعروف بہ سلطان رضائي العريضي السبزواريءَ جو فرزند هو. هن جو ڏاڏو سيد غياث الدين رضائي، تاريخ ’حبيب السير‘ جي مصنف خواند امير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو هو. مير عبدالله عريضي، ميرزا غازي بيگ ترخان جو خاص مصاحب هو. جڏهن قنڌار، ميرزا غازي بيگ جي جاگير ۾ آيو هو تہ هن سيد عبدالله کي ايران جي شهنشاھہ ڏانهن پنهنجو سفير ڪري موڪليو، جتي هن حضرت امام علي رضا عليہ السلام جي روضي جي پڻ زيارت ڪئي. عريضي خاندان پهرين بکر ۾، پوءِ سيوهڻ ۾ ۽ آخر ٺٽي ۾ اچي رهيو. ميرزا غازيءَ جي وفات کانپوءِ سيد عبدالله ٺٽي ۾ ڪنهن سرڪاري منصب تي هجڻ ڪري هميشہ لاءِ اتي رهي پيو. پيري اچڻ کانپوءِ سرڪاري منصب ترڪ ڪري گوشه نشين ٿيو. سرڪار طرفان کيس گهڻو سمجهايو ويو، پر هن انڪار ڪيو. هن کي ڏسي سندس ڀاءُ مير عبدالرسول بہ سرڪاري عهدو ڇڏي ڏنو ۽ اهو بہ پنھنجي ڀاءُ مير عبدالله وانگي گوشه نشين ٿي ويٺو. ٺٽي ۾ گوشه نشين ٿيڻ کانپوءِ جلد سيد عبدالله عريضي سبزواري، 16 شعبان المعظم 1054ھہ/ 8 آڪٽوبر 1644ع تي وفات ڪئي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس وفات تي هيٺين فقري مان مادہ تاريخ ڪڍي آهي: في جنة عافية 1054ھہ مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتابن ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’تذڪرة مقالات الشعرا‘ ۾ سيد عبدالله عريضيءَ بابت اهو لکي ٿو ته، ”سيد عبدالله پنھنجي دور جو بھترين شاعر هو ۽ سندس تخلص ’عريضي‘ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو