مير رضي الدين فدائي سبزواري

مير رضي الدين فدائي سبزواري : مير رضي الدين ’فدائي‘ سبزواري 1048ھہ/ 1638ع ۾ ڄائو. مير رضي الدين جو والد مير ابوالمڪارم شهود بن مير ابوالبقا بن مير ابوالقاسم نمڪين بن ملا امير سبزواري هو. مير رضي الدين صاحب ديوان شاعر هو. مير علي شير جو قول آهي تہ هو پنھنجي وقت جو ڪامل شاعر هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ديوان فدائي‘ گم ٿي چڪو آهي، پر سنڌ جي قديم قلمي بياضن ۾ سندس شعر ملن ٿا. سندس شاعريءَ تي ناصر علي سرهنديءَ جو وڏو اثر آهي. هي اڪثر پنهنجن وڏن وانگر هندستان ايندو ويندو هو. انهيءَ وجهہ سان پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ’تذڪرهء امير خاني‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مير رضي الدين جي شاعريءَ تي ناصر علي سرهنديءَ جو وڏو اثر هو، ممڪن آهي تہ ساڻس دوستيءَ يا شاگرديءَ جو تعلق هجيس. ٻئي همعصر هئا.“ مير رضي الدين 1120ھہ/ 1708ع ۾ وفات ڪئي، مير علي شير قانع هيٺين قطع تاريخ چئي: بسڪ بفوتش همه گفتندهي، ”هي رضي الدين“ بود سال وي. 1120ھہ


هن صفحي کي شيئر ڪريو