
انيس مير
مير انيس : مير ببر علي انيس 1220ھہ مطابق 1805ع ۾ فيض آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير خليق (مرثيہ گو شاعر) ۽ جدِ اعليٰ مير حسن دهلوي هو. مير انيس لکنؤ ۾ تعليم حاصل ڪئي، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪامل دسترس حاصل ڪرڻ کانپوءِ فنِ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. شروع ۾ غزل گوئيءَ جو شوق هوس مگر شفيق پيءُ جي نصيحت تي غزل گوئي ڇڏي سلام، نوحه، مرثيہ ۽ رباعيون چوڻ شروع ڪيائين. مير انيس کي ٻہ ڀائر هئا، مير نواب مونس (صاحب ڪليات) ۽ مير مھر علي ’انس‘ (صاحب ڪليات)، مير انيس جا ٻئي ڀائر پنھنجي دور جا مشھور مرثيہ گو ۽ سلام گو شاعر هئا، ليڪن انيس جو درجو اعليٰ هو. اها حقيقت آهي تہ مرثيہ گوئيءَ جي شروعات سنڌ مان ٿي، اردوءَ ۾ مرثيي کي مير انيس ۽ ميرزا سلامت علي دبير اوج تي رسايو ۽ سنڌيءَ ۾ ’سيد ثابت علي شاھہ‘، ’ميرزا فتح علي بيگ‘، ’مير حسن علي خان ٽالپر‘ ۽ ’ميرزا ٻڍل بيگ مرثيي کي عروج تي رسايو. اردو جي مرثيہ گو شاعرن ۾ ’ميرزا دبير‘ ۽ ’مير انيس‘ کي اهو مقام حاصل ٿيو، جيڪو وري ڪنهن کي بہ نہ مليو. مير انيس 29 شوال 1291ھہ مطابق 9 ڊسمبر 1874ع ۾ لکنؤ ۾ وفات ڪئي. مير انيس جو سنڌ سان گهرو تعلق آهي. سندس مرثيا ۽ سلام سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ پڙهيا ويندا آهن ۽ سندس اردو مرثين جا منظوم ترجما سنڌ جي ڪجهہ مرثيہ گو شاعرن ڪيا آهن. مير انيس جو تقريباً سڄو ڪلام شايع ٿي چڪو آهي، ليڪن سنڌ ۾ بہ ڪافي ڪاتبن ميرزا دبير ۽ مير انيس جا مرثيا نقل ڪيا آهن، انهن ۾ آخوند محمد عالم، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا قاسم علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ ۽ ميرزا امام علي بيگ جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن جي بياض ۾ مير انيس، ميرزا دبير ۽ ٻين اردو شاعرن جا اڻ ڇپيل لاتعداد مرثيا قلمي صورت ۾ موجود آهن.
1805.00.00 عيسوي
مير انيس 1805ع ۾ فيض آباد ۾ پيدا ٿيو
1874.12.09 عيسوي
مير انيس 9 ڊسمبر 1874ع ۾ لکنؤ ۾ وفات ڪئي