ميان قائم الدين فقير شر

ميان قائم الدين فقير شر : ميان قائم الدين فقير ولد مينگهو فقير شر، پنھنجي وقت جو وڏو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ڄاڻايو آهي تہ ميان قائم الدين دستاربند عالم، سٺو طبيب ۽ درويش فقير هو. فقير غلام حيدر شر جي رسالي ۾ سندس 10 ڪافيون ڇپيل آهن. هن 1335ھہ/1916ع کان اڳ ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي: واھہ واھہ نينگر تيڏي ياري، تيڏي ياري بره بهاري، ملي يار ٿيوي بهاري، مئن صدق صدق بلهاري، ماءُ داڻي جو عذر ڏتوئي، هستي بات بره دي باري، پتُر جام جلال پيتوئي، هستي بات برھہ دي باري، جيوين نال حلاج هلايئي، شاھہ شمس دي کلڙي کلايئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو