مولانا فقير محمد پٺاڻ

مولانا فقير محمد پٺاڻ : پٺاڻ مولانا فقير محمد ولد صاحب ڏنو ولد بادل خان پٺاڻ، تعلقي ڪشمور (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڊومڪيءَ“ ۾، 3 جون 1909تي ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ پشاور جا رهاڪو هئا، جتان ميرن جي دؤر ۾ لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. مولانا فقير محمد ابتدائي تعليم کان پوءِ ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ علامہ قاضي حبيب ميمڻ، علامہ محمد سنڌي ۽ علامہ قطب الدين انڍڙ وٽان تعليم ورتي. آخر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حمادالله هاليجوي، مولانا محمد صالح بائيجوي، ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري، جهڙن جيد عالمن ۽ بزرگن هٿان دستارِ فضيلت ٻڌايائين. فتويٰ، منطق ۽ فلسفي جي ڄاڻ مولانا عبدالخالق کان ورتائين. وڌيڪ ديني سکيا لاءِ ”دارالعلوم ديوبند“ مان مولانا حسين احمد مدنيءَ وٽان حديث جو علم حاصل ڪيائين.مولانا صاحب، حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار هو . ڪجهہ وقت لاءِ ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر بہ چونڊيو. سندس شاگردن جو حلقو ڪافي وسيع هو. سلطان باهو رح جي درگاھہ جو عقيدتمند هو ۽ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جي خليفي مولانا غلام محمد جو دست بيعت هو. هن 17 جنوري 1980ع تي جمعي جي رات طويل بيماريءَ کانپوءِ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.06.03  عيسوي

مولانا فقير محمد ڳوٺ حاجي خان ڊومڪيءَ ۾، 3 جون 1909تي ڄائو.


1980.01.17  عيسوي

مولانا فقير محمد 17 جنوري 1980ع تي جمعي جي رات طويل بيماريءَ کانپوءِ وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مولانا محمد حسين جان سرهندي
حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو
شھاب الدين نهڙي مولوي
عبداللطيف ڊول مولانا
پير محمد شاھہ فقير
سيد محمد شاھہ مست
اصطخرِي
سيد علي مڪي
ذهبي
حافظ سخي محمد مهراڻ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون