مراد علي ڪاظم شيخ

مراد علي ڪاظم شيخ : سنڌ جو غزل گو شاعر شيخ مراد علي ‘ڪاظم’، 10 مئي 1901ع تي روهڙيءَ ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم روهڙي ۽ خيرپور ميرس مان ورتي، ان کان پوءِ 1919ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ساڳئي سال نوڪري مليس، پر طبيعت صحيح نہ هجڻ سبب نوڪري نہ ڪيائين. ان عرصي ۾ هن عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پڻ چڱن استادن کان حاصل ڪئي، ان کانسواءِ هن اردو ٻوليءَ ۾ پڻ مهارت حاصل ڪئي. هي زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي ادبي حلقن سان وابستہ رهيو، انهيءَ دور ۾ هن مفتي سعيدالله وٽان فارسيءَ جي ڪتاب ‘ديوان حافظ’ جو پڻ درس حاصل ڪري ورتو. هن 1923ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هڪ ديوان مرتب ڪيو. سندس ڪلام سنڌيءَ جي معياري، علمي ۽ ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپيو هو. هن جو ڪلام رنگين، پختو ۽ برجستو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ سان گڏ فارسي ٻوليءَ ۾ بہ شاعري تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس فارسي ڪلام ٻڌي هندستان جي شاعرہ ۽ اديبه سروجني نائيڊو پڻ داد ڏنو هو، جنهن جي هدايت موجب ئي هن ڌارين ٻولين ۾ طبع آزمائيءَ کي ڇڏي پنھنجي مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ کي ترجيح ڏني. شيخ مراد عليءَ پنھنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو ملازمت سانگي ڪراچيءَ ۾ گذاريو ۽ اتي ملازمت سان گڏوگڏ ادبي خدمتون پڻ سرانجام ڏيندو رهيو. سنڌ جي هن نامياري شاعر، آڪٽوبر 1954ع ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.05.10  عيسوي

سنڌ جو غزل گو شاعر شيخ مراد علي ‘ڪاظم’، 10 مئي 1901ع تي روهڙيءَ ضلعي سکر ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد صادق طالب
علي محمد شاھہ عاجز
ارجن سڪايل
کيمن يو مولاڻي
اميد خيرپوري
بلاول اوٺو
ڄام دُرڪ
ڪامران جيلاني
ڌامراهو مهراڻ
سچل سرمست
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون