مخدوم محمد حسن سيوهاڻي : مخدوم محمد حسن ولد مخدوم دين محمد سيوهاڻي، اعلى مرتبي وارو عالم ٿي گذريو آهي، جيڪو قاريءَ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن پنھنجي ڀاءُ مخدوم عبدالواحد صغير نعمان ثانيءَ سان گڏ پنھنجي والد کان تعليم حاصل ڪيائين. سندس فرزند مخدوم محمد عارف سيوهاڻيءَ پڻ علمي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو. مخدوم محمد حسن سيوهڻ ۾ شيخ الاسلام جي عهدي تي رهيو ۽ ان سان گڏ اتي ديني درسگاھہ بہ قائم ڪيائين، جنهن مان سوين عالم پڙهي نڪتا. سٺو ڪاتب ۽ خطاط هو ۽ ’خطاط‘ جي نالي سان مشھور هو. هن بزرگ کي پنج پٽ مخدوم عبدالواسع شاعر، مخدوم محمد عارف، مخدوم محمد صالح، قاضي سعدالله ۽ مخدوم محمد مراد هئا، جيڪي پڻ وڏي ناليوارا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن. سيوهڻ جو صديقي خاندان هن بزرگ جو اولاد آهي. چوڏهين صديءَ جو مشھور عالم مخدوم بصرالدين، مخدوم نصيرالدين، مخدوم ميان غلام عمر، حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي هن بزرگ جي نسب مان ٿي گذريا آهن. مخدوم محمد حسن پنھنجي ڀاءُ مخدوم عبدالواحد ثانيءَ کان چار سال اڳ 1220ھہ/1805ع م وفات ڪئي، سندس مرقد سيوهڻ ۾ خانداني قبرستان ۾ آهي.