مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي

مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي : عالم، فاضل مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 16 شوال 1131ھہ/1719ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن کي پنھنجي والد کانپوءِ سجادہ نشينيءَ جو شرف حاصل ٿيو. سندس والد جا مريد سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ بہ پکڙيل هئا، جنهن ڪري هيءُ سنڌ کان ٻاهر مريدن جي هدايت ۽ تلقين لاءِ بہ ويندو هو. مخدوم عبدالرحمان جي تصنيفن ۾ حج جي مسئلن تي منظوم سنڌي ڪتاب ’حيات العاشقين‘ آهي، جيڪو سندس والد جي فارسي ڪتاب ’حيات الى زيارت المحبوب‘ جو منظوم ترجمو آهي. هن 51 سالن جي ڄمار ۾ 5 ربيع الاول 1181ھہ/ پهرين آگسٽ 1767ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1131.10.16  هجري

عالم، فاضل مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 16 شوال 1131هه/1719ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1181.03.05  هجري

مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي 5 ربيع الاول 1181هه/ پهرين آگسٽ 1767ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام محمد شاهواڻي
قاضي عزيز ﷲ ڏيٿو مٽياروي
درس محمد واصل
پنهواري عبدالقادرعلامه
عبدالڪريم لغاري مولانا
شريف المجاهد پروفيسر
عبدالرحمان سنڌي لکنوي
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
راغب اصفهاني امام
عبدالڪريم ڪورائي مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون