محمود شيخ

محمود شيخ : محمود شيخ ولد جان محمد شيخ لوڪ ادب جو ڄاڻو ۽ بيت جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1866ع ڌاري ڳوٺ ٻارچڙي، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. سندس والد هاري هو. ننڍپڻ پنھنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ ۾ گذاريائين، جوانيءَ ۾ ڳوٺ مان لڏي شھدادپور ويجهو ٽوهڻ ڏاهريءَ ڳوٺ ۾ مستقل سڪونت پذير ٿيو. هيءٌ اڻ پڙهيل هو، غربت سبب تعليم پرائي نہ سگهيو. جوانيءَ ۾ بيت چوڻ شروع ڪيائين. اڻ پڙهيل هئڻ باوجود ٻوليءَ تي دسترس هئس. هيءُ هميشہ پيرين پيادو وٿاڻ ووڙيندو هو، پنھنجي همعصر لوڪ سگهڙن، شاعرن سان ڪچهريون ڪيائين.، محفلن، ميڙن ۽ مجلسن ۾ پڻ بيت چوندو هو. سانوڻ فقير ۽ مولابخش خاصخيليءَ سان صحبت هئس، بيت چوڻ سان سندس دلي لڳاءُ هوندو هئس. ڪوئي بيت ٻڌائڻ جو چوندو هئس تہ ڪم ڇڏي بہ کيس بيت ٻڌائيندو هو. بيت ۽ ڏٺ ۾ پريو مڙس هو، اڪثر ڪانڀ ڪڍي ويهندو هو. ڪيترائي شاگرد سندس صحبت مان پرائي سنڌي بيت جا باڪمال شاگرد ثابت ٿيا. سندس شاگردن مان ٻاجهو ملاح جو نالو سر فهرست آهي، جنهن وٽس ٻارنهن سال رهي شاگردي ڪئي. هن درويش ۽ لوڪ ادب جي پارکوءَ، 1933ع ڌاري وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو