محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي

محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي : محمد ڪريم اصفهاني سلطان فرخ سير جي زماني ۾ امير محمد رضي خان ٺٽي جي حاڪم سان گڏ 1137ھہ/1724ع ۾ دهليءَ مان ٺٽي پهتو. وڏيءَ عزت سان سرڪاري عهدي تي رهيو. جڏهن نادر شاھہ ملڪ تي حملي آور ٿيو، تڏهن هي امين الملڪ ۽ وڪيل رعايا جي عهدي تي پهتو. ننڍا وڏا سندس سخا ۽ مروت کان ڏاڍا خوش هوندا هئا. سندس مجلس ۾ هميشہ شاعرن جو ٽولو موجود رهندو هو. هر هڪ جي قدر آهر خدمت ۽ مدد ڪندو هو. هو گهڻو پڙهيل نہ هو، پر پوءِ بہ پنھنجي طبعي ذهانت ڪري عمدو شعر چوندو هو، شعر ۾ ’عاشق‘ تخلص استعمال ڪندو هو. ٺٽي جو مشھور شاعر محمد محسن ٺٽوي سندس استاد ۽ صحبتي هو. محسن جو مشھور ڪتاب ”محک الکمال“ بہ اصفهاني محمد ڪريم جي مدد سان جمع ٿيل آهي. سندس ڪن غزلن جا جواب مير قانع لکيا آهن، جن جو تفصيل مقالات الشعراءِ ۾ موجود آهي. محمد ڪريم اصفهاني ٺٽويءَ جي وفات ٺٽي ۾ 1155ھہ/ 1742ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو