محمد مقيم شاعر ٺٽوي :هن فاضل شاعر ترخانن جي زماني ۾ ۽ سنڌ جي پوئين حاڪم مرزا جاني بيگ جي درٻاري شاعر جو عهدو حاصل ڪيو هو. جڏهن مرزا جاني بيگ تي مرزا عبدالرحيم خان خانان ڪاهي آيو ۽ کيس ٺٽي مان گرفتار ڪري اڪبر بادشاھہ جي درٻار ۾ وٺي ويو، تڏهن مرزا جانيءَ سان سندس اهل عيال سميت جيڪي بہ خاص ماڻهو گڏ هئا، تن ۾ محمد مقيم شاعر بہ هو. مرزا جي مرضي هوندي هئي تہ محمد مقيم کي اڪبر اعظم جي درٻار ۾ پهچائي، پر اهڙو موقعو اڳ ۾ هن کي ڪڏهن بہ نہ ملي سگهيو. هڪ دفعي اڪبر بادشاھہ جي ڪچهريءَ ۾ مرزا جاني بيگ سنڌي گَويا پيش ڪيا، جن سنڌي زبان ۾ عمر مارئيءَ جي سر مان ڳايو. بادشاھہ فرمايو تہ عمر مارئي سنڌي قصي جي حقيقت ڇا آهي. مرزا عرض ڪيو تہ مُقيم شاعر کي جيڪڏهن ملاقات جو شرف حاصل ٿئي تہ هو ان قصي کان پورو واقف بہ آهي ۽ پوري طرح بيان ڪري سگهي ٿو. مگر بادشاھہ ان ڳالھہ تي پورو توجھہ نہ ڏنو، جنهنڪري اڪبر اعظم جي ڪچهريءَ ۾ پهچڻ کان محروم رهجي ويو.