محمد صالح سومرو

محمد صالح سومرو

محمد صالح سومرو

محمد صالح سومرو: نامور شاعر ۽ استاد محمد صالح ولد عبدالقادر سومرو، 4 اپريل 1941ع تي نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي (موجودہ قنبر شھدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ديني مدرسي مسلم اسڪول نصيرآباد مان پنھنجي ناني مولوي عطا محمد سومري وٽان، سنڌي فائينل 1956ع ۾ مسلم اسڪول بازاري ڪانڌڙا، نصيرآباد مان حاصل ڪري 2 آڪٽوبر 1958ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. جنهن دوران 1966ع ۾ فافضل اردو پنجاب صوبي جي لاهور بورڊ، 1972ع ۾ بي اي، 1975ع ۾ ايم.اي اسلامڪ ڪلچر جا امتحان ڏنائين. ان کان علاوہ منشي فارسي، منشي عالم فارسي، منشي فاضل فارسي ۽ مولوي عربيءَ جا امتحان بہ پاس ڪيا. محمد صالح سومري ادبي دنيا ۾ 1956ع ۾ پير پاتو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن 1974ع ۾ ’بزم مهراڻ ادب‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا ۽ مختلف شاعرن سان ادبي رهاڻين جا پروگرام ڪرايائين. 1973ع ۾ نوڪريءَ ۾ ترقي ماڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد ۾ HST مقرر ٿيو، جتان 2001ع ۾ 17 اسڪيل تان رٽائر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’تحفه عيدالاضحى‘، ’سوغات محبت‘ (علم عروض بابت: 2001ع)، ’اڻ وسرندڙ ڳالهيون‘ (2009ع)، ’فيضان محبت‘ (ٻاونجاھہ اکري: 2013ع)، ’فيضانِ علم‘ (سفرنامو)، ’هڪ سؤ عظيم انسان‘ ۽ ’غزوات ۽ سرايا‘ قابل ذڪر آهن. پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ محمد صالح سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.04  عيسوي

نامور شاعر ۽ استاد محمد صالح ولد عبدالقادر سومرو، 4 اپريل 1941ع تي نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده قنبر شهدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڀائي مائي
ادل سولنگي
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
خادم حسين ابڙو
بدر شاھہ
صالح فقير گوهري
شاهن باڊاهي
آصف مٺياڻوي
عامر سيال
آزاد محمد رمضان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون