محمد زمان شاھہ ساقي ٺٽوي : محمد زمان شاھہ ولد مرزا شاھہ رضوي مهدوي”ساقي“ مشھور ولي ﷲ يوسف مهديءَ جي اولاد مان هو. سندس خاندان هميشہ علم ۽ اميريءَ ۾ اڳڀرو هو. جڏهن سنڌ تي مغلن جا نواب حڪومت ڪندا هئا، تڏهن هن خاندان جي ڪيترن بزرگن کي سرڪار ۾ وڏا عهدا مليل هئا، جنهن جو گهڻو ذڪر ’تحفة الڪرام‘ ۾ موجود آهي. غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي بہ هن ئي خاندان مان هو. ساقيءَ کي سياست سان دلچسپي هئي، هو ضلعي ٺٽي جي خلافت ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هو، 1920ع ۾ پير غلام مجدد جي صدارت هيٺ خلافت جو جيڪو جلسو ڪوٺايو ويو هو، ان جي ڪاميابيءَ لاءِ هن گهڻو ڪم ڪيو هو. ساقي پنھنجي وقت جو نهايت لطيف شاعر هو . ماستر نرملداس سکر وارو سندس استاد هو. هن کيس پارسي پڙهائي ۽ عروض جا ابتدائي سبق ڏنا. شاعريءَ ۾ سندس استاد مرتضائي ۽ شاڪر هئا. هن جون ڪافيون خاص ڪري ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ نهايت مقبول هيون. مولوي دين محمد وفائي سندس ڪافين بابت لکي ٿو ”سندس ڪافين جا هڪ ٻہ ڪتاب ڇپجي ورهائجي ويا آهن جن ۾ محمد زمان يا زمان شاھہ تخلص ڪيو اٿس. سندس ڪلام جي مقبوليت جي هيءَ حالت آهي جو لاڙ ملڪ ۾ يڪتارن تي سندس ڪلام کي عام جام فقير فقراءَ ڳائين ٿا ۽ ماڻهو حظ حاصل ڪن ٿا. ساقي نہ صرف ڪافيءَ جو شاعر هو، پر هو غزل ۽ نظم جو بہ شاعر هو . هو غزل ۾ پنهنجو تخلص ’ساقي‘ ڪم آڻيندو هو، پر ڪافيون ’زمان شاھہ‘ جي نالي سان ئي چوندو هو. ساقيءَ جو لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان بہ رهيو هو. هن جا ڪيترا غزل بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرحن تي چيل آهن، جي ”الحقيقت“ ۽ ”گلدسته سنڌ“ ۾ محفوظ آهن. ساقيءَ جو ڪيترو ڪلام الوحيد، توحيد ۽ الحق (سکر) اخبارن ۾ بہ شايع ٿيندو هو. هن هڪ مخمس ڪريما نالي لکيو هو، جنهن جو ڪجهہ حصو ’الحق‘ ۾ شايع ٿيو هو. هن اقبال جي ”فرياد امت“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ ’الوحيد‘ اخبار ۾ 16 جون 1929ع ۾ شايع ٿيو هو. ساقي گهڻو وقت ڪراچي ۾ کڏي ۾ مريدن وٽ گذاريندو هو. ساقيءَ جي زندگي گهڻو ڪري تنگدستيءَ ۾ گذري، جنهنڪري ڪيترن وقتن تي هن پنهنجن بزرگن جا جمع ٿيل قيمتي مسودا بہ ڏئي ڇڏيا، جن مان ڪجهہ مولوي دين محمد وفائيءَ ورتا هئا.