محمد اسماعيل سومرو

محمد اسماعيل سومرو: مولانا مفتي محمد اسماعيل ولد مفتي نبي بخش سومرو 1315ھہ/ 1895ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. سموري تعليم پنھنجي والد صاحب وٽ حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. ان کانپوءِ ديوبند ۽ عليڳڙھہ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. معقول ۽ منقول جو جيد عالم هئڻ سان گڏوگڏ فقھ ۽ تفسير جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. عربي ادب، عروض ۽ عربي شاعريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. يارهن ڪتابن جو مصنف هو، جن مان ست ڪتاب عربيءَ ۾ ۽ باقي ٻين ٻولين ۾ آهن. انهن مان: (1) نورالايقان في اعجازالقرآن (عربي)، (2) نهايت البحث في مسائل الارث، (3) صفت العرفان بمفردات القرآن (ٻہ جلد: عربي: لغت جي انداز ۾ قرآن مجيد جو تفسير)، (4) عزة النحو، (5) اطفاءَ الفرية في الاعفاءَ اللحيه، (6) تفسير والتين والزيتون (عربي مطبوعه)، فارسي زبان ۾ هڪ قصيدو ’تحفة العاشقين‘ ۽ (7) ’چھل حديث‘ شامل آهن. مولانا محمد اسماعيل سومري، 29 نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.11.29  عيسوي

مولانا مفتي محمد اسماعيل ولد مفتي نبي بخش سومرو 1315هه/ 1895ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. 29 نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ملا دائود سيوستاني
قاضي محمد عاقل سنڌي
ذاڪري سيد محمد شاھہ
احمد بن محمد المنصوري
عبدالعزيز محدث ابهري مخدوم
عبدالقادر سيوهاڻي مولانا
دين محمد شاھہ ميڻن وارو
سرفراز احمد ڀٽي ڊاڪٽر
مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون