
سروري محبوب
محبوب سروري : ناليوارو شاعر ۽ اديب محبوب سروري، 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنهور، هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنهور جي گهر جنم ورتو. هن تي ڇٺيءَ جا نالا محمد بچل ۽ محبوب علي رکيا ويا. شاعريءَ ۾ محبوب نالو ۽ سرور تخلص ڪتب آندائين ۽ اهو ئي نالو عام و خاص ۾ مشھور ٿيو. هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، سروري اسلاميہ ڪاليج هالا مان انٽر ۽ سـنڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان بي. اي ۽ ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِڪميشن ڏيئي ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي طالب الموليٰ اورينٽل ڪاليج هالا جو پرنسپال بہ رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد طالب الموليٰ هو. هن جي شاعريءَ ۾ قومي ۽ روايتي رنگ نمايان آهي. سندس شاعريءَ ۾ تغزل، اشاريت، معنويت جهڙيون خوبيون چٽيون نظر اچن ٿيون. سندس ڪلام ۾ محاورن، اصطلاحن جي ڪتب آڻڻ، برجستگي، رواني، جذبن جي فراوانيءَ جي موجودگي کيس عروضي شاعريءَ ۾ اهم درجو عطا ڪن ٿا. اصلاحي تنقيدون، حسن ۽ جمال، نيرنگين جو بيان، وفا ۽ جفا جون حڪايتون، محبوب جي عنايتون ۽ شڪايتون ۽ محبوب جي ثنا سندس شاعريءَ جا اهم موضوع آهن. سندس غزل جي هڪ بند جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: تنھنجا واسينگ مثل وار بہ سبحان الله، تنھنجي گفتار ۽ رفتار بہ سبحان ﷲ. هن غزل، قطعي، نظم وغيرہ جهڙين صنفن تي بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. محبوب سروري 12اپريل 2018غ تي وفات ڪئي.
1934.01.08 عيسوي
ناليوارو شاعر ۽ اديب محبوب سروري، 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنهور، هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنهور جي گھر جنم ورتو.