مجنون فقير ٻرڙو

مجنون فقير ٻرڙو: نامياري سگهڙ مجنون فقير ٻرڙي جو اصل نالو واحد بخش ولد عبدالحڪيم ٻرڙو هو، هن ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ جان محمد ٻرڙي لڳ نئين ديري ۾ 1928ع ڌاري جنم ورتو، هن پرائمريءَ جا چار درجا تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد محنت مزدوري ڪري، کٽون واڻي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري کٽون واڻڻ دوران سندس ملاقات هڪ سگهڙ ڪريم بخش وسطڙي سان ٿي، جنهن جا بر زبان بيت ۽ ڪلام ٻڌي هي بيحد متاثر ٿيو ۽ کيس ئي استاد تسليم ڪندي سگهڙائپ جي دنيا ۾ قدم رکيائين. هن لوڪ ادب جي صنفن مان سينگار، ڏٺ پرولي، ڳجهارت ۽ ڏور تي ڪافي طبع آزمائي ڪئي. مجنون فقير سگهڙ هجڻ سان گڏ هڪ سٺو رقاص بہ هو. سگهڙن جي ڪچهرين ۾ سندس فن جو انداز موهي وجهندو هو، هو هميشہ اٿي بيهي شعر پڙهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ضرورت آهر پنھنجي شعر جي وچ ۾ ئي جهمر واري انداز ۾ ٻانهن کي لوڏيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو