لڪي جبل

لڪي جبل

لڪي جبل

لڪي جبل: لڪي جبل سلسلو، دادو ضلعي ۾، سنڌ جي جابلو پٽيءَ جي اوڀر ۾، کير ٿر جبل جو آخري پاسو آهي. لڪيءَ جي اوچي ۾ اوچي چوٽي 2300 فوٽ آهي. کير ٿر جابلو سلسلي ۾ لڪيءَ جي جبلن ۽ انهن ۾ قائم ڪيل لڪن يا لنگهن جي خاص اهميت آهي. معدني لحاظ کان به اهم آهي، خاص ڪري هتان نڪرندڙ قيمتي پٿر تعميراتي ڪم ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کانسواءِ هتي ڳاڙهو لوڻ (سينڌو لوڻ) ۽ گندرفي چشما به آهن. هتان ملندڙ جڙي ٻوٽيون طب ۾ ڪارائتيون آهن. ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ ۾ لکيل آهي” لڪيءَ جي ٽڪرين وارو لنگهه انهن ڏينھن ۾ طبعي طور وڏي اهميت رکندڙ هو، جن به ٻاهرين سنڌ تي ڪاهون ڪيون، تن پھريان سيوهڻ ۾ لڪيءَ واري لنگهه/لڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي سنڌ جون ڪنجيون آهن.“ سنڌو درياهه سيوهڻ ۽ لڪي جبل کان ڄام شوري جي ٽڪرين جي ويجهو اوڀر وهي ٿو.


لفظ لڪي جبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو