لکپت بندر: هندستاني رياست گجرات جي ڪڇ ضلعي ۾، ڀُڄ شھر کان 135 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي موجود ڪوري ڪريڪ جي مُھڙ تي واقع هي تاريخي بندر هن وقت ٽڙيل پکڙيل آباديءَ تي ٻڌل هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. تمام گهڻي ايراضي پکڙيل هن بندر کي پوءِ واري زماني، ارڙهين صديءَ ۾ تعمير ڪيل 7 ڪلوميٽر ڊگهي قلعي (ڪوٽ لکپت) جو گهيرو رهيو آهي. هن بندر جو واپار عمان، مسقط ۽ ڪيترن ئي ڏور ڏيھن تائين پکڙيل هو. اُن وقت لکپت جي آبادي 10 هزارن کان مٿي هئي، بندرگاهه جي آمدني لکن ۾ هئڻ ڪري هن بندرگاهه جو نالو ئي لکپت پئجي ويو. چين جو مشھور سياح ۽ ليکڪ Xluan Tsang 632ع ۾ هن بندر تان گذريو. تڏهن ڪڇ، سنڌ جو حصو هو. ٻين فصلن سان گڏ هتي ساريون گهڻيون پوکيون وينديون هيون. پندرهين صدي عيسويءَ کان پوءِ هيءُ بندر وڏو واپاري مرڪز رهيو. جمعدار فتح محمد نوتيار هتان جي مشھور شخصيت هئي. هو راجا جي طرفان لکپت جو جمعدار رهيو. اُن فتح محمد جي مزار به لکپت ۾ موجود آهي. روايت موجب 1499ع ۾ سک مذهب جو باني گرونانڪ، ياترا جي سفر لاءِ لکپت پھتو ۽ هتي هڪ گرودوارو تعمير ڪرايو جيڪو 1999ع ۽ 2000ع واري زلزلي ۽ سامونڊي طوفان ۾ شديد متاثر ٿيو، جنھن کي پوءِ آثار قديمه کاتي پاران اصل شڪل ۾ بحال ڪرايو ويو.تاريخي لحاظ کان هي بندر، ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ وڏو واپاري مرڪز رهيو آهي. آڳاٽي زماني ۾ سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو لکپت بندر کان ٿيندو ڏيسالپرگنٺلي تائين وهندو هو. پراڻ وسيلي لکپت کان عمرڪوٽ تائين پاڻيءَ جو واهه وهندو هو. لکپت کان اٽڪل 30 ميلن ۽ علي بندر کان 20 ميلن جي مفاصلي تي سنڌڙيءَ جو قلعو هوندو هو، جيڪو ڪڇ حڪومت جي سرحدي چنگي ۽ محصول گهر جي ذميواري نڀائيندو هو. 1762ع ۾ ميان علام شاهه ڪلهوڙي، ڪڇ جي حاڪمن سان اڻبڻت سبب، جڏهن پراڻ تي بند ٻڌايو، تڏهن لکپت ڪڇ جي ڏورانھين آباديءَ وارو شھر ٿي رهجي ويا. 1819ع واري زلزلي کان پوءِ لکپت بندر وٽ هڪ قدرتي ڊيم وجود ۾ آيو، جنھن کي بعد ۾ ’الله جو بند‘ جو نالو ڏنو ويو. ان ڊيم جي نتيجي ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو پڻ پنھنجو باقي ’رخ بدلائي‘ عربي سمنڊ ڏانھن وهڻ لڳو، جنھنڪري هي بندر پنھنجي اهميت وڃائي ويٺو. پاڻيءَ جي وهڪري بند ٿيڻ سبب سمنڊ جو کارو پاڻي اڳتي وڌيو ۽ سنڌڙي قلعي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي لوڻ جي کاڻين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. لکپت بندر جي ويران ٿيڻ کان پوءِ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي ۽ آبادي گهٽجي 6000 کي پھتي، جن ۾سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ۽ ٻين ملڪن مان آيل سيڙپڪار توڙي واپارين جا گهر به شامل هئا. جيتوڻيڪ بندر جون ديوارون سٺي حالت ۾ هيون پر زلزلي جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهن جا گهر گهڻي ڀاڱي ڊهي ويا. 1851ع ڌاري هتان واپار مڪمل طور ختم ٿي ويو، جنھنڪري هي علائقو معاشي بدحالي جو شڪار بڻجي ويو ۽ آبادي گهٽجندي 2500 تائين پھتي. رڪارڊ موجب 2001ع ۾ هتي 87 گهر ۽ 2011ع ۾ 566 گهر ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود هئا، جن ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي، پر اصل شھر جون عمارتون ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويون آهن، جن جا پٿر پکڙيل ملن ٿا. جڏهن ته قلعي جي ديوار جا نشان اڄ به واضح آهن. لکپت قلعي جي حوالي سان اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته غزنوي حڪومتي دور دوران جن هندن اسلام قبول نه ڪيو، انهن وڳھه ڪوٽ ۽ لکپت ڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي هئي. هتي ڪجهه صوفي بزرگن جا مقبرا آهن، جن ۾: پير غوث محمد جو قبو، پير شاهه درگاهه، ناني مائي درگاهه ۽ هندن جو هتڪيشور مندر شامل آهن. موجوده وقت هي علائقو هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ اچي ٿو، جنھنڪري ٻنهي ملڪن طرفان بارڊر سيڪورٽي فورس جو عملو موجود رهي ٿو.