
لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا
لڇمڻ ڪومل: لڇمڻ ’ڪومل‘ ڀاٽيا، 26 مارچ 1936ع تي ڪنڊياري، اڳوڻي ضلعي نوابشاهه، (هاڻي نوشھري فيروز) ۾، چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو نالو لوڪومل هو. لڇمڻ جو ڏاڏو سيٺ جاڙومل، تر جو وڏو زميندار هو. لڇمڻ پرائمري ڪنڊياري ۾ پڙهيو. سندس والد کيس شام جو مسجد جي آخوند وٽ ساڳئي وقت اردو ۽ فارسي به پڙهائي. ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ سندس والد، نوابشاهه ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو ۽ هن نامور شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ کان چارج ورتي. لڇمڻ، نَون ورهين جي عمر ۾ ولس اسڪول نواب شاهه ۾ پھرئين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو. 1948ع ڌاري 13 ورهين جي ننڍيءَ عمر ۾، ورهاڱي سبب خاندان سميت سنڌ ڇڏي دهليءَ پھتو. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان بي. ڪام آنرس (1956ع) ڪئي. دهلي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ، ’ڪومل‘ تخلص سان شاعري ڪئي.1962ع ۾ ’گوپي‘ سان هن شادي ڪئي. دهلي يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف جرنلزم مان ئي هن 1962ع ۾ صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي. هو راڻا جنگ بھادر جھڙي مشھور صحافيءَ جو شاگرد رهيو. ڀارت جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار‘Times of India’ ۾ هن لڳاتار 35 ورهين تائين اهم عھدن تي رهي ڪم ڪيو، جتان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. هو ورهاڱي کان پوءِ وارن شاعرن ۾ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر هو. سنڌ ۾ ڪيترا ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. هو ريڊيو، ٽي.وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين لکندو رهيو. سندس ڪيترائي تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ساٿين سان گڏ لڇمڻ ڪومل جو به ڪردار رهيو. لڇمڻ سٺو ناٽڪ نويس، اداڪار ۽ هدايتڪار به هو. هن جا ٽي طويل سنگيت ناٽڪ(Opera) سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿا، جن ۾ (1) ’سھڻي ساهڙ سنگ‘، (2) ’سر مومل راڻو‘ (راڻا گهڻا راڄ ۾) ۽ (3) ’سر سورٺ‘ شامل آهن، جيڪي دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ ۾ ڪيترا ڀيرا اسٽيج ٿي چڪا آهن. سندس ناٽڪ ’سھڻي ساهڙ سنگ‘ جو هندي ترجمو به ڪيترا ڀيرا اسٽيج تي پيش ٿي چڪو آهي. لڇمڻ ڪومل، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڇھه ماهي رسالي ’جوت‘ جو ست سال ايڊيٽر رهيو، جنھن جا هن ڪجهه خاص نمبر ڪڍيا، جن مان ڪي مشھور نمبر هيٺيان آهن: (1) ’شاهه لطيف نمبر‘ (ڊسمبر 1999ع)، (2) ’گوبند مالهي نمبر‘ (جون 2001ع)، (3) ’آڳاٽو سنڌي ادب نمبر‘ (مارچ 2004ع) ۽ (4) ’هري دلگير نمبر‘. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) ’هڪڙو هو راجا‘ (ٻاراڻو ادب: 1965ع)، جنھن تي کيس هند سرڪار ايوارڊ‘ ڏنو، (1971ع) ’Folk Literature of Pakistan ‘، (3) ’نئون صبح‘ (مشھور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو، 1974ع)، (4) ’جيءَ جهروڪا‘ (شاعري: 1975ع)، (5) ’ميري چادر‘ (راجندرسنگهه بيديءَ جي ناول ’ميلي چادر‘ جو ترجمو 1983ع)، (6) ’ميران ٻائي‘ (مونوگراف: 1980ع)، (7) ’بلي شاهه‘ (مونوگراف)، (8) ’ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي‘ (1986ع). (نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب، (9) ’پن ڇڻ جو پڙلاءُ‘ (قرة العين حيدر جي ناول ’پت جھڙ ڪِي آواز‘ جو سنڌي ترجمو-1996ع)، (10) ’وهي کاتي جا پنا‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پھريون: 2006ع). (11) ’وهي کاتي جا پنا‘ (آتم ڪٿا، ڀاڱو ٻيون: 2008ع). ڇپيل ٽئي ڀاڱا ۽ سارنگا رسالي ۾ ڇپيل آخري قسطون گڏ ڪري روشني پبليڪيشن مڪمل آتم ڪٿا ڇپائي. هن 23 ڊسمبر 2014ع تي دهليءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.