ڀنڀاڻي، لڇمڻ

ڀنڀاڻي، لڇمڻ

لڇمڻ ڀنڀاڻي

لڇمڻ ڀنڀاڻي : لڇمڻ ڀنڀاڻي 17 نومبر 1938ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ جئپور (راجسٿان) لڏي ويو ۽ اتان گريجوئشن ڪرڻ کان پوءِ ملازمت اختيار ڪيائين. هن صحافت جي شروعات ڀارت مان جاري ٿيندڙ ماهوار ’سھڻي‘ رسالي کان ڪئي. جنھن جو هي 10 سال ايڊيٽر رهيو. سنڌي ساهتيه پاران ڇپجندڙ رسالي ’سُراڀي‘ جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. هن لکڻ جي شروعات ننڍي هوندي کان ڪئي. سندس ڪھاڻيون ۽ مضمون ڀارت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سپنا ۽ سڏڪا‘ (ڪھاڻيون، 1964ع)، ’انڀوءَ کان ٻاهر‘ (ڪھاڻيون، 1970ع)، ’راڳ کٽراڳ‘ (مضمون، 1993ع)، ’روشنيءَ جو رٿ‘ (ٻارن جون ڪھاڻيون، 1994ع)، ’ممتا جو موت‘ (ڪھاڻيون، 1995ع) ۽ ’ممي موٽي آءُ‘ (ناٽڪ، 1995ع) شامل آهن. اڳتي هلي انهن مان ’راڳ کِٽراڳ‘، ’روشني جو رٿ‘ ۽ ’ممي موٽي آءُ’ کي ڊراماٽائيز ڪيو ويو، جن تي کيس مختلف ادارن پاران ايوارڊ ڏنا ويا. هن سنڌي ۽ هندي جي ڪيترن ئي اسٽيج ۽ ريڊيو ڊرامن ۽ ٽي وي ناٽڪن ۾ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ’ساهت سڀا‘ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. کيس ڪتاب ’ممي موٽي آءُ‘ تي سينٽرل هندي ۽ ڊائريڪٽوريٽ هند سرڪار قومي اوارڊ، ٻارن جي ڪتاب ’روشني جو رٿ‘ تي نيشنل ايوارڊ مليو. هو راجستان سنڌي اڪيڊمي جو ميمبر سنڌي ٻولي ۽ ساهت جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هن 2021ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.11.17  عيسوي

لڇمڻ ڀنڀاڻي 17 نومبر 1938ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جئسنگهاڻي شيام
اندرا واسواڻي
زرداري محمد خان
علي اظهار
آغا ظفر
علي نواز آريسر
صبيحا نذير مگسي
رحيمداد مولائي شيدائي
پٺاڻ محمد اسماعيل
سريش ببلاڻي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون