ڀنڀاڻي، لڇمڻ

ڀنڀاڻي، لڇمڻ

لڇمڻ ڀنڀاڻي

لڇمڻ ڀنڀاڻي : ڀارت جو مشھور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي لڇمڻ ڀنڀاڻي 17 نومبر 1938ع ۾ نوابشاھہ، سنڌ ۾ ڄائو، پاڻ ورهاڱي کانپوءِ جئپور (راجسٿان) لڏي ويو ۽ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گريجوئشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري کاتي ۾ عملي زندگي جي شروعات ڪئي. لڇمڻ ڀنڀاڻي صحافت جو آغاز ماهوار ’سھڻي‘ رسالي کان ڪيو.ِ هو سنڌي ساهتيہ پاران ڇپجندڙ رسالي ’سُراڀي‘ جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. جيتوڻيڪ لکڻ جي شروعات هن ننڍي هوندي کان ڪئي ۽ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ڀارت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا سندس پهريون ڪتاب ’سپنا ۽ سڏڪا‘ (ڪهاڻيون) 1964ع ۾ ڇپيو تنهن کانپوءِ ’انڀوءَ کان ٻاهر‘ (ڪهاڻيون) 1970ع، ’راڳ کيئراڳ‘ (مضمون) 1993ع، ’روشنيءَ جو رٿ‘ (ٻارن جون ڪهاڻيون) 1994ع، ’ممتاز جو موت‘ (ڪهاڻيون) 1995ع ۽ ’ممي موٽي آءُ‘ (ناٽڪ) 1995ع ۾ نہ فقط ڇپيا پر اڳتي هلي تن مان ’راڳ کيئراڳ‘، ’روشني جو رٿ‘ ۽ ’ممي موٽي آءُ’ کي ڊراماٽائيز ڪيو ويو جن تي کيس دهلي سنڌي اڪيڊمي ۽ راجسٿان سنڌي اڪيڊمي سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. لڇمڻ ڀنڀاڻي سنڌ مان لڏڻ کانپوءِ جئپور (راجسٿان) ۾ مستقل رهائش اختيار ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.11.17  عيسوي

ڀارت جو مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي لڇمڻ ڀنڀاڻي 17 نومبر 1938ع ۾ نوابشاهه، سنڌ ۾ ڄائو،



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء شڪيل احمد
ظفر حسن
عطاءُ ﷲ ابڙو پروفيسر
امين مگسي
علي اظهار
شيخ جاويد علي سنڌي
ڏيپلائي محمد علي
رشيده حجاب
خالد آزاد
خواند مير
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون