
خوبچنداڻي، لڇمڻ
لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، مولچند خوبچنداڻيءَ جي گهر، 1932ع ۾، ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ لڏي هندستان ويو ۽ اڳتي هلي پوني ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هن 1961ع ۾، آمريڪا جي پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان ’The Phonology and Morphophonetics of Sindhi‘ عنوان تي تحقيقي مقالو لکي، لسانيات ۾ ايم. اي ڪئي. ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾The Acculturation of Indian Sindhi to Hindi: A Study of Language in Contact عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري (Ph.D) حاصل ڪيائين. پوني جي مشھور ڊيڪن ڪاليج ۾ جڏهن 1961ع ۾ ’سنڌي لسانيات‘ جو شعبو قائم ٿيو ته ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر لڇمڻ پوني جي ’سينٽر فار ڪميونيڪيشن اسٽڊيز‘ جو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڊائريڪٽر رهيو. هن هندستان جي ڪيترن شھرن ۾ لسانيات جو مضمون پڙهائڻ سان گڏ آمريڪا، انگلنڊ، يوگوسلاويا، سنگاپور ۽ سوڊان ۾ علم لسانيات جي تعليم ڏني. هي ’لئنگئيج پلاننگ ڪنسلٽنٽ‘ طور يونيسڪو ۽ آمريڪا جي رياست هونولولو (Honolulu) جي ايسٽ ويسٽ سينٽر ۾ 1974ع کان 1978ع تائين ٻولين جي انگن اکرن (Statistics) بابت ڪم ڪندڙ گروپ جو سينٽر فيلو ۽ چئرمئن رهيو. سماجي لسانيات تي ڪم ڪندڙ انٽرنيشنل سوشيو لنگئسٽ ائسوسيئيشن جي ريسرچ ڪميٽيءَ جو 1982ع کان 1986ع تائين وائيس چئرمئن رهيو. يونيسڪو جي ورڪ گروپ’Right to Communicate‘ جو 1974ع کان 1977ع تائين ميمبر رهيو. هن سينگاپور جي ريجنل انگلش لئنگئيج سينٽر (RELC) ۾ 1976ع ۾ نو مھينا رهي، هڪ تحقيقي ڪتاب ‘Language & Education in Pluralistic Societies’ لکيو. ان کان سواءِ زغوب يونيورسٽي، يوگوسلاويا ۾ پروفيسر آف انڊين لنگئسٽڪس به ٿي رهيو. لسانيات، ڪميونيڪيشن، سماجي لسانيات ۽ لئنگئيج ڊيموگرافي سندس دلچسپيءَ جا موضوع رهيا. هن جي ايم. اي ۽ پي ايڇ. ڊي جون ٿيسز، اسڪول آف اورينٽل اينڊ افريڪن اسٽڊيز لنڊن ۽ دنيا جي يونيورسٽين جي لائبررين ۾ موجود هئڻ سان گڏ پڙهايون به وڃن ٿيون. هن سماجي لسانيات، ڪلچر، ڪميونيڪيشن ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي ڪيترا مقالا مختلف سيمينارن ۾ پڙهيا ۽ ڇپايا. هن پوني ۾ رهي ’سنڌي- انگريزي ڊڪشنري‘ جي تياريءَ ۾ حصو ورتو ۽ ان جا ٻه حصا 1968ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪرايا. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ Linguistics and Language Planning in India’ (1969) جا ٻه جلد به ترتيب ڏنا. سندس پي ايڇ. ڊي جي ٿيسز جنھن ۾ 1947ع کان پوءِ هند ۾ لڏي آيل سنڌين جي سنڌي ٻوليءَ جي هنديءَ سان تعلق جڙڻ بعد ان ۾ آيل تبديلين جو اڀياس آهي. ڊاڪٽر لڇمڻ ٻاهرينءَ دنيا ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو ماهر لسانيات مڃيو ويو، پر لسانيات جي مختلف شاخن، سماجي لسانيات Socio Linguistics، Bilingualism ۽ Multilingualism جي ميدان ۾ به سندس وڏو قدر هو. کيس تحقيقي ڪم تي ڪيترا اوارڊ ۽ انعام به مليا. هن جي ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن: (1) Comprehensive Sindhi- English Dictionary (II Volumes: 1968) (2) Current Trends in Linguistics in Sindhi (1969) (3) Language and Education in Pluralistic Societies (1976) (4) Language, Education and Social Justice. سنڌي سماج ۽ ڀاشا وگيان (اپريل 2001ع). هن 2 نومبر 2015ع تي ديھانت ڪيو.