لٺ نئن

لٺ نئن (ماڳ): گڏاپ ڏانھن ايندي ڪوهستان جي علائقي ۾ ديھه لٺ ڪرمتياڻي آهي. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪرمتين جو پراڻو قبرستان آهي. ملير ۾ جيڪي ’لٺيگ ڪلمتي‘ رهن ٿا، تن کي لٺ نئن جي ڪپ تي رهڻ ڪري ’لٺيگ‘ يا ’لٺ وارا‘ چيو وڃي ٿو. گنڌاڪيءَ جي جبلن کان وهي ايندڙ ميندياري ڍورو، ديھه ڪرمتياڻي ۽ ديھه گڏاپ کي الڳ ڪري، اڳتي لٺ ڪرمتياڻي نئن جو حصو ٿئي ٿو. ’اڪين واري ڍوري‘ من جبل کان وهي اچي ٿڌي نئن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هتي ئي ٿڌي نئن جي ڪپ تي ’مور مرادين‘ وارو تاريخي قبرستان آهي، جنھن ۾ 30 کان مٿي گهاڙي قبرون آهن، جنھن سان لڳ ’گنڌا ڪيءَ‘ وارو ڍورو آهي. ٻئي پاسي ’ڪھيريءَ وارو ڍورو‘ آهي، جيڪو خرمريون بٺيءَ مان وهي ٿڌيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن جاءِ تي ميلن تائين صاف ۽ شفاف پاڻي ساوڻيءَ جي برساتن ۾ وهندو آهي ۽ ڪن جاين تي ڪنبن ۽ کڏن ۾ سڄو سال پاڻي موجود هوندو آهي. هتي ٿڌي نئن ۾ ’گنڌاڪي وارو ڪن‘ ڪراچيءَ جي حدن ۾ حيات گوندر ڳوٺ کان پوءِ ’ٻٽڪي وارو ڪُن‘ ۽ ’ڄامڙي وارو ڪن‘ مشھور آهن. ٻولهاڙيءَ واري ڍوري، ڪرڪٽي ڍوري ۽ ٿڌي نئن جي ڪپ تي زراعت به ٿئي ٿي. ديھه ڪاٺوڙ ۾ ’گوهريان‘ تاريخي ماڳ آهي، جيڪو ’گوهر جتڻي‘ جي نالي سان آهي. مول نئن به هتان گذري جڏهن ملير ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان کي ملير نئن چيو وڃي ٿو. مول جو اهو حصو اوچين پھاڙين، وهندڙ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي ڪري وڻندڙ آهي. ديھه لنگهيجي ۾ ٿڌي نئن جي ڪپ تي گهاڙي قبرستان آهي، جنھن کي ’روميون‘ يا ڪلمتين جون قبرون چيو وڃي ٿو.


لفظ لٺ نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو