لُڌو لُڌا

لُڌو/لُڌا (نکٽ): لڌا مُنو/مُنا يا مُنيون ٻه وڏا چٽا تارا آهن، جيڪي ٽيڙو جي نکٽ کان پوءِ اڀرن ٿا ۽ آسمان ۾ ٽيڙن جي پويان وٿيرڪا هوندا آهن، هڪ ٿورو اتر تي ۽ ٻيو پري ڏکڻ طرف هوندو آهي. انهن کي مُنا يا مُنيون به چون. ’مُنيون ٽيڙن جون‘ يعني ٽيڙو جي پٺيان منيون يا ٿوڻيون آهن. ان جو نالو اصل ۾ ’لوڌي‘ هو. لوڌي يعني لوڌيندڙ، لوڌ وارو، شڪاري. ٿر ۾ لڌي کي آهيڙي (شڪاري) به چون. ٽيڙو جو ٻيو نالو هرڻ آهي، جنھن کي پويان اهي لوڌين ٿا. لوڌي مان پوءِ ٿيو لڌو. پر لوڌي يا لُڌو نالو فقط اترئين تاري جو آهي. ڏاکڻين جو نالو ’سھيل‘ آهي. رنگ روشني ۾ ’لڌو‘ لالائي تي آهي ۽ سُھيل تيلي- رُوءِ نيراڻ تي. لڌي جي لالائي ۽ ٻئي تاري تيلي روءِ جو شاهد، شاهه صاحب جو هيٺيون بيت:
تارا تيلي روءِ، لڌا لالا نه اڀرين،
جھڙو تون صبوح، تھڙي صافي سڄڻين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو