
لُوڻڪ
لُوڻڪ: هڪ قسم جو ٻوٽو، جيڪو ڀاڄيءَ طور ڪتب آندو وڃي ٿو. ماڻهو هن مان نه رڳو ٻوڙ ٺاهيندا آهن پر مختلف ٻوڙن ۾ کٽاڻ ۽ سواد لاءِ به وجهندا آهن. سوادي هئڻ ڪري ڪچي به کاڌي ويندي آهي. هن کي چوپايو مال به جام کائيندو آهي. جنھن سان مال جي کير ۾ واڌارو ٿيندو آهي. برسات کان پوءِ ڪوهستان ۽ ٿر ۾ گهڻو ٿئي ٿو. ڪچي وارن علائقن ۾ سڄو سال موجود رهي ٿو. سنڌ جي ٻين بئراجي علائقن ۾ خريف جي مند ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هي گهميل هوا ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ٿو. پنن جو ذائقو لوڻياٺو ۽ کٽسرو ٿئي ٿو، تنھنڪري ان تي نالو ئي لوڻڪ پيو. ڪن جاين تي ان جي ڀاڄيءَ جي فصل طور پوکي به ڪن ٿا. ان جي واڌ ٻج ذريعي ٿئي ٿي. لوڻڪ جا پن ٿلها، رسدار ۽ هلڪي سائي رنگ جا ٿيندا آهن. گل ڇڳيدار، پيلي رنگ جا ۽ ٻج ننڍو ۽ ڪاري رنگ جو ٿئي.