لُوڻي ڪوٽ: حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سپر هاءِ وي تي، حيدرآباد کان 27 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي نئن بارڻ گذري ٿي. نئن بارڻ جي پل پار ڪرڻ سان کاٻي هٿ تي هڪ ڪچو رستو ڏکڻ اوڀر طرف نڪري ٿو، ان رستي کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، نئن بارڻ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي، لوڻي ڪوٽ جا آثار آهن. هن علائقي جو زير زمين پاڻي لوڻياٺل هئڻ ڪري، هن ڪوٽ جو نالو ئي لوڻي ڪوٽ پئجي ويو. ڪن روايتن موجب هن ڪوٽ ويجهو هڪ چشمو روڻ ڪري اچي نئن ۾ پوندو هو، اهو لفظ روڻ يا روڻي يا ’لوڻي‘ ٿي ويو، ٽالپر جڏهن سنڌ جا حڪمران ٿيا، تڏهن هنن مختلف هنڌن تي ڪوٽ ٺھرايا هئا. لوڻي ڪوٽ جي اڏاوت به ميرن جي دَور جي ٻڌائي وڃي ٿي. مير عبدالحسين سانگيءَ جي ڪجهه شعرن ۾ ان ڪوٽ جو ذڪر ملي ٿو.
جاگرافيائي اعتبار کان هيءُ علائقو ننڍن وڏن گول پٿرن ۽ مٽيءَ جي تھن سان سٿيو پيو آهي. مينھن نه پوڻ جي ڪري نئن بارڻ جي پيٽ ۾ پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽيندا هئا. سپرهاءِ وي جي ڀرسان هتي موجود ننڍين بٺين مان هڪ ننڍڙي بٺيءَ تي هن ڦِٽل ڪوٽ جا آثار آهن. لوڻي ڪوٽ کي پنج برج آهن. اتر، اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ڪُنڊن تي هڪ هڪ برج ۽ اوڀر ۾ ٻه برج ۽ هڪ مُک دروازي تي ڏسجي ٿو.. جيتوڻيڪ سڄو ڪوٽ ڊهي چڪو آهي، تنھن هوندي به ڪجهه نشان اڃا موجود آهن. ڪوٽ جي سڀ کان دلچسپ صورتحال اوڀر وارن ٻنهي برجن جي وچ ۾ نظر اچي ٿي. جتي هڪ ڏيڍي ٺاهي ڪوٽ جي دروازي کي سڌي دٻاءَ کان محفوظ ڪيو ويو هو. ڏيڍيءَ جو اهو نمونو شيرڳڙهه قلعي جھڙو لڳي ٿو، جيڪو رني ڪوٽ ۾ 1750 فوٽن جي بلنديءَ تي واقع آهي.
ڀت جي ٿولهه 8 فوٽ هئي. جڏهن ته برجن ۾ ڪاٺ جي پڃر جي استعمال جا اهڃاڻ به ملن ٿا. ڀت بنيادي طور اوڏڪي آهي، جنھن جي پاڙ ۾ گول پٿرن ۽ مٽيءَ جي گاري سان اڏاوت جا اهڃاڻ چٽا آهن. قلعي جو اتر اوڀر وارو اڌ وچ، هڪ ڀت بيھاري جدا ڪيو ويو آهي. اها ڀت ايتري ويڪري نه آهي، جيتري مکيه ديوار ٿلهي آهي. ڏکڻ اوڀر واري ڀاڱي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري ڀت جو نشان اڃا به موجود آهي. هتان ڪجهه ٺڪراٺو به مليو آهي. چوڪور نقشي تي مشتمل هن ڪوٽ جا نشان ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڀت لاءِ زمين هيٺ کوٽي، ڪافي مضبوط بنياد وڌا ويا آهن. ڪوٽ جي بنياد ۾ پٿر به استعمال ڪيو ويو آهي. ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ڪن هنڌن تي اڇو ته ڪن هنڌن تي ڪارو پٿر ڪتب آندل آهي. مضبوطيءَ لاءِ ڪوٽ جي ڀت توڙي برجن ۾ ڪاٺ جو ڄار وڇائي ان مٿان ڪجهه فوٽن تائين مٽيءَ جو ڀراءُ ڪري وري مٿان ٻيو ڄار رکيو ويو آهي. ڪاٺ جي ان ڄار کي ڪوڪن سان ڳنڍيو ويو آهي. ڪوٽ جي ڊيگهه 156 فوٽ ۽ ويڪر 150 فوٽ بيھي ٿي. لوڻي ڪوٽ کي چوڦير 8 فوٽ ويڪري ڀت جو ڪڙو چڙهيل هو. ڪوٽ کي صرف هڪ ئي دروازو آهي، جنھن جو منھن اوڀر طرف نئن بارڻ جي وهڪري واري پاسي کلي ٿو. ان دروازي کي ٻه برج آهن. ڏکڻ اوڀر برج، جتي ڀت ملي ٿي، ان کان اتر پاسي ڏانھن هلندڙ ڀت ۾ 70 فوٽن جي فاصلي تي هڪ وڏو برج ڏنو ويو آهي، جيڪو ڀت جي ٻاهران نئن جي پاسي تي، هڪ 56 فوٽ جو اڌ گول ٺاهي ٿو. ان اوڀر برج ۽ اڌ گول نما برج جي وچ ۾ هڪ سوڙهو لنگهه ڏنل آهي.