
ليکراج ڪشنچند عزيز
ليکراج ڪشنچند ’عزيز‘: ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي ’عزيز‘ 19 ڊسمبر 1897ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سندس پيءُ ڪشنچند نائون مل ميرچنداڻي هڪ وڏو زميندار هو. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1915ع ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي ويو ۽ اليفسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پر عشق جي چوٽ لڳڻ ۽ ان ۾ ناڪام ٿيڻ سبب بي اي جو امتحان به ڏيئي نه سگهيو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين، نه ئي وري سڄي عمر شادي ڪيائين.
کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ جو تمام گهڻو شوق هو، مرزا قليچ بيگ جي صدارت ۾ ٿيل هڪ مشاعري ۾ هن پنھنجو ڪلام پيش ڪيو. انهيءَ موقعي تي مرزا قليچ بيگ سندس فن جي مڃتا طور هي شعر پڙهي کيس داد ڏنو.
نه نڪتو دل مان اڄ تائين، وڏو ٿي شرمگين نڪتو
تنھنجو ارمان ڀي پرده نشين، پرده نشين نڪتو.
ليکراج عزيز ورهاڱي کان پوءِ بمبئي هليو ويو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ڪليات عزيز‘ جي نالي سان 1938ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. جنھن تي انعام پڻ مليس. ان کان پوءِ سندس ٻيا ڪتاب هندستان ۾ شايع ٿيا. جھڙوڪ ’صراحي آبشار‘، ’پيغام عزيز‘ ۽ ’پڇتاءُ جا لڙڪ‘ وغيره. هن عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي هئي. سندس شاعريءَ تي سنڌي روايتي ۽ عروضي شاعرن جي صحبت جي اثر سان گڏ عربي ۽ فارسي ٻولين جو اثر به ملي ٿو. نثر ۾ ادبي آئينو 1941ع ۾ ڇپيو، جيڪو مضمونن جو مشھور مجموعو آهي. ادبي صلاحڪار بورڊ پاران ان ڪتاب تي کيس انعام به ڏنو ويو. اهو ڪتاب اڄ به سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي جي ڪورس تي رکيل آهي. ليکراج عزيز هڪ برک شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين ناٽڪ نويس به هو. هن ٽن سالن جي عرصي ۾ ٽي وڏا ناٽڪ ’ڪمار اجيت سنگهه‘، ’غريبان مار‘ ۽ ’مسٽر مجنون‘ جي نالي سان لکيا ۽ اسٽيج تي پيش ڪيا. انهن ٽنهي ناٽڪن جي ٻولي نھايت سھڻي، سليس ۽ اصطلاح سان ڀرپور آهي. هندستان ۾ سنڌي جاتي جي هستيءَ کي قائم رکڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سنڌي عالمن ۽ اديبن جيڪا هلچل هلائي، ليکراج عزيز، انهيءَ ۾ به حصو ورتو هو. هو سنڌي لپي سڀا جو آخر تائين صدر رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ساهت منڊل جو پڻ صدر رهيو. عزيز بمبئي يونيورسٽيءَ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر پڻ هو. هو 1956ع ۾ ڪي. سي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. هن ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي دنيا‘ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنھن جو مقصد سنڌي شاگردن ۾ ادبي ذوق ۽ شوق پيدا ڪرڻ هو.
سندس ڪتابن ۾: ’غريبان مار‘ (ناٽڪ) 1931ع، ’مسٽر مجنون‘ (ناٽڪ) 1933ع، ’ڪمار اجيت سنگهه‘ (ناٽڪ) 1933ع، ’ادبي آئينو‘ 1941ع، ’ڪليات عزيز‘ (پھريون ڀاڱو-غزلن جو ديوان 1938ع)، ’ڪليات عزيز‘ (ٻيو ڀاڱو-مثنويون) 1938ع، ’گلزار عزيز‘ (شاعري) 1944ع، ’شاعراڻي شمع‘ (شاعري) 1944ع، ’پيغام عزيز (شاعري) 1946ع، ’پڇتاءُ جا لڙڪ‘ (شاعري 1946ع)، (11) ’صراحي آبشار‘ (شاعري 1953ع)، (12) ’گل و خار‘ (تنقيدي مضمون 1955ع)، (13) ’للڪار‘ (قومي گيت 1965ع)، (14) ’سامي‘ (تنقيدي مضمون 1965ع)، (15) ’ٻھڳڻ ٻول‘ (ٻارن لاءِ شاعري 1970ع)، (16) ڪلهه جي ياد (متفرقه1971ع)، (17) ’سنڌي اصطلاح‘ (ڀاڱو پھريون 1976ع)، (18) ’سوز ساز‘ (شاعري 1970ع)، (19) ’مصر جي راڻي‘ (شاعري) شامل آهن. ليکراج ڪشنچند عزيز 19 آگسٽ 1971ع تي هي جهان ڇڏيو.
1971.08.19 عيسوي
ليکراج ڪشنچند عزيز 19 آگسٽ 1971ع تي هي جهان ڇڏيو.
1897.12.19 عيسوي
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي ’عزيز‘ 19 ڊسمبر 1897ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.