ليڊي ڊفرن اسپتال(Lady Dufferin Hospital) : ليڊي ڊفرن اسپتال حيدرآباد، شھر جي علائقي گاڏي کاتي، ريشمي گهٽيءَ ويجهو يعقوب ڪاسائيءَ جي پِڙ وٽ واقع آهي. هيءَ اسپتال هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن جي بيگم ليڊي ايلگن 1894ع ۾ سرندي وارن مقامي ماڻهن جي چندي سان ويم گهر ۽ نو مولود ٻارن جي نگھداشت لاءِ جوڙائي هئي. هن اسپتال جو شمار انگريز دؤر ۾ عورتن جي ويم ۽ ٻارڙن جي سنڀال (ميٽرنٽي هوم) واري پھرين ۽ وڏي اسپتال طور ٿئي ٿو. هيءَ اسپتال هن وقت مخدوم بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو لاءِ ٽيچنگ اسپتال (سکيا مرڪز) پڻ آهي. هن اسپتال جو قيام انگريز دور ۾ ان وقت عمل ۾ آيو، جڏھن راڻي وڪٽوريا کي هندستان ۾ ويم دوران فوت ٿيندڙ هزارين عورتن ۽ ٻارڙن جون خبرون پھچڻ لڳيون. جنھن تي راڻي وڪٽوريا طرفان هندستان جي تڏهوڪي وائسراءِ جي گهر واريءَ ليڊي هيريئٽ ڊفرن (ليڊي ايلگن) کي جاري ڪيل خاص هدايت موجب هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هن اسپتال جو بنياد رکيو ويو. ليڊي ڊفرن خاص طور عورتن جي ويم ۽ نون ڄمندڙ ٻارڙن جي سنڀال لاءِ گڏيل هندستان جي ستن شھرن ۾ ليڊي ڊفرن گروپ واريون اسپتالون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنھن تحت هاڻوڪي پاڪستان ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۽ موجوده هندستان ۾ دهلي، ناگپور ۽ ڪلڪتي ۾ اهڙيون اسپتالون قائم ٿيون. اسپتالن جي تعمير لاءِ لاڳاپيل شھرن جي مقامي سرنديءَ وارن ماڻهن کي ڊفرن اسپتال جي مد ۾ چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي اسپتال جي بنياد رکڻ واري ڏينھن سماجي اڳواڻ ايڊلجي ڊنشا پنجاهه هزار روپين جو چندو ڏنو. ڪراچيءَ ۾ اسپتال جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر 12 نومبر 1894ع تي ليڊي ڊفرن پاڻ رکيو ۽ اها عمارت 1898ع ۾ ٺھي راس ٿي. اهڙي ريت حيدرآباد واري ليڊي ڊفرن اسپتال جي عمارت سيٺ پوهومل کيامل ۽ ٻين سرندي وارن جي ڏنل عطيي مان 22 جنوري 1934ع تي تعمير ڪئي وئي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ليڊي ڊفرن اسپتالن جو انتظام سماجي ماڻھن جي ڪميٽي جوڙي سنڀاليو ويو. اسپتال جي رڪارڊ موجب هن وقت اسپتال ۾ 300 مريضن جي رهڻ جي گنجائش آهي. جن مان 50 بيڊ نون ڄمندڙ ٻارڙن لاءِ مخصوص ڪيل آهن. جڏھن ته هڪ ئي وقت 80 جي لڳ ڀڳ ڳورهاريون عورتون داخل ڪري سگهجن ٿيون. حيدرآباد جي هن اسپتال جو شمار سنڌ جي وڏين اسپتالن ۾ ٿئي ٿو.