ليلا چنيسر جو ڪوٽ

ليلا چنيسر جو ڪوٽ: هي تاريخي ماڳ، تعلقي قنبر جي ڳوٺ غيبي ديري ڀرسان هڪ ڦٽل دڙي جي صورت ۾ واقع آهي. تاريخ ۾ ”ليلا چنيسر“ جو داستان، سومرا دور (1300ع-1283ع) سان نسبت رکي ٿو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحقيق موجب، ليلا قنبر- شھدادڪوٽ ضلعي جي ڪنھن راجا جي ڌيءُ هئي. پر مقامي روايتن موجب ليلا اتان جي عام رهواسڻ ۽ ذات جي گانئچو هئي. ليلا جا مائٽ مارو ماڻهو هئا، ٻڪرين، رڍن ۽ ڳئن جو کين ججهو مال هوندو هو. ليلا جي ٻانھن، چنيسر کي انهيءَ شرط تي ڏني وئي هئي ته هو ليلا کي هتي ئي رهائيندو. چنيسر بادشاهه اهو واعدو پاڙيندي قنبر-وارهه جي جابلو علائقي ۾ ليلا ۽ ڪونئرو/ڪورُ جون جدا جدا محلاتون جوڙايون، جن جا ڦٽل نشان دڙن جي صورت ۾ موجود آهن. انهن ماڳن بابت حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو ”سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو“ ۾ لکي ٿو: ”سردار ڏيھه پال خان ۽ سردار اعظم سريمڻ خان جي قبرستان جي ڏکڻ طرف اٺن ڪلو ميٽرن تي شيخ نوتي جي قبرستان جي متصل هڪ ڪلوميٽر اتر طرف ليلا چنيسر جي نالي سان سڃاتا ويندڙ پٿر جا ڏهه کن گهر ٺھيل آهن. جن جي ويڪرائي اٽڪل ٽي کان چار فوٽ ۽ اوچائي پنج فوٽ ٿيندي، جيڪي کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي گهر، چنيسر بادشاهه ۽ ليلا جا آهن. باقي هڪڙي جاءِ ٿورو پرڀرو ڪونئرو جي ٻڌائي وڃي ٿي. هي جايون جبل جي دامن ۾ ٺاهيون ويون آهن. چيو وڃي ٿو ته ليلا چنيسر جو شھر دريا سيھون جي ساڄي پاسي ڪناري تي ٻڌل هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ندي انهيءَ زماني ۾ هتان گذرندي هئي.“ مٿئين تاريخي ڪردارن جا اهڃاڻ ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ به ملن ٿا. جتي ليلا جو دڙو، ليلا جي ماڙي، ڪونئرو جي ماڙي، ليلا جي شاخ، ليلا ديهه، ليلا جي ڪنڊي، ليلا جو بڙ، ليلا جي ترائي، ڄام چنيسر داسڙي جو دڙو ۽ لِھور جو دڙو وغيره ڦٽل صورت ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو