ليلا جا آتڻ

ليلا جا آتڻ: هي ماڳ ديھه اڪڙي، تعلقي فيض گنج ۾ اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هتي ٻن ميلن جي ايراضيءَ ۾ وڏو ٺڪراٺو ٽڙيل پکڙيل آهي، جنھن جو ڪجهه حصو ضلعي شھيد بينظير آباد جي حدن ۾ اچي ٿو. هتان به ڪجهه ٺڪريون ۽ هڪ ٺڪر جي مورتي هٿ آئي آهي، جيڪي شيون سنڌالاجي ۾ محفوظ آهن.


لفظ ليلا جا آتڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو