رچنداڻي ليلارام

رچنداڻي ليلارام

ليلارام رچنداڻي

ليلارام رچنداڻي: ليلارام ڏيون داس رچنداڻي، 24 جولاءِ 1924ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت جي شھر احمد آباد ۾ وڃي آباد ٿيو. ليلارام رچنداڻي هڪ عالم ۽ ليکڪ هجڻ سان گڏ لسانيات جو ماهر به رهيو آهي. هو صحافت جي پيشي سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ مان جاري ٿيندڙ سنڌي اخبارن ۾ وقت بوقت پنھنجون صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. کيس سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترن اعزازن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ’سنڌوءَ جي جهلڪ‘ (1963ع تاريخ)، ’سنڌي وياڪرڻ‘، ’سنڌو درشن‘ (تاريخ 1972ع)، ’سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس‘ (تاريخ 1977ع)، ’سنڌي لوڪ ڪٿائون ۽ پسمنظر‘ (تحقيق 1979ع)، ’سنڌي ٻولي: مختصر تاريخ ۽ وڪاس‘ (تحقيق 1979ع)، ’سنڌي گلدستو‘، ’سنڌي ساهت ۾ مذاق‘، ’قاضي قادن جو ڪلام‘، ’سنڌي نظم جي تاريخ‘ 1988ع، ’آزاديءَ کان پوءِ گجرات ۾ سنڌي ساهت‘ (تحقيق 1991ع)، ’آزاديءَ بعد سنڌي ساهت جو اتھاس‘ (تحقيق 1994ع)، ’اڏيرو لعل (1994ع)، سنڌي شاعريءَ جي تاريخ‘ ۽ ’سنڌي ڀڳت‘ قابلِ ذڪر آهن. ورهاڱي کان اڳ هن ’1857ع جو انقلاب‘ ۽ ’اشوڪ مھتا‘ ترجمو ڪيا. ان کانسواءِ هن هيٺيان ڪتاب ايڊٽ ۽ مرتب ڪيا، ’اندرا جا اڌما‘: وشنداس ڀاڳيا، ’پيار ۽ پڇتاءُ‘: وشنو ڀاٽيا، ’ڊاڪٽر مدن‘: ڊاڪٽر نند ايسراڻي، درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو: ڊاڪٽر نند ايسراڻي، آءُ ته ڪريون حال: ڊاڪٽر گرداس انواڻي شامل آهن. ليلارام رچنداڻي 9 مئي 2002ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ ليلارام رچنداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.07.24  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ ليکڪ ليلارام رچنداڻي، 24 جولاءِ 1924ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حشمت پارواڻي
شيرين فيروز نانا
صبيحا نذير مگسي
عثمان علي انصاري
حڪيم محمد يعقوب قاضي
عبدالرئوف عروج
اندرا واسواڻي
لڇمڻ ڀنڀاڻي
چانڊيو امير احمد ’امير‘
ديپچندر تلوڪچند چندر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون