لياقت مگسي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر لياقت ولد ڌڻي بخش مگسي پھرين اپريل 1953ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي، تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد ۽ وڏو ڀاءُ عبدالله مگسي پڻ اديب هئا. هن وٽنري ڪاليج آف اينيمل هبنڊري لاهور مان گريجوئيشن ڪئي. تعليم جي حاصلات کان پوءِ جانورن جو ڊاڪٽر مقرر ٿيو. ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي موضوع تي سندس مضمون مختلف سنڌي اخبارن: ’سنڌو‘، ’هلال پاڪستان‘، ’جاڳو‘، ’پڪار‘ ۽ ’عوامي آواز‘ ۽ ڪيترن سنڌي رسالن ۾ ڇپيا. پاڻ ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو ميمبر ۽ عھديدار رهيو. هن پنھنجي والد جو ڪتاب ’دادو منھنجون يادون‘ ۽ ڀاءُ عبدالله مگسي جا ٻه ڪتاب ’تاريخ جو جديد مطالعو'>سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ ۽ ’جان جان هئي جيئري‘ ترتيب ڏئي ڇپرايا. ڊاڪٽر لياقت مگسي 13 مئي 2019ع تي وفات ڪئي.