پروفيسر لياقت عزيز

پروفيسر لياقت عزيز

لياقت عزيز سولنگي پروفيسر

لياقت عزيز سولنگي، پروفيسر: پروفيسر لياقت عزيز 9 جولاءِ 1949ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ خميسي خان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي ۽ ساڳي ئي يونيورسٽيءَ مان وڪالت جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ ليڪچرر طور پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. مختلف هنڌن تي استاد رهڻ کان پوءِ ٽيھن سالن تائين سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، حيدرآباد ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين.
هُن ٽريڊ يونين سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊي محمد خان جي مزدور يونين قائم ڪرڻ سان ڪئي. جتي هن شگر ملز ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ان بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين ۽ ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلھاڙيل هيون. جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پورهيت ونگ هئي. هن پوليٽيڪل سائنس تي 8 تدريسي ڪتاب لکيا. سندس ڪالمن جا ڪتاب ’قومي غدار ۽ حساب ڪتاب‘ (1997ع) ۽ ’ننڌڻڪا گهوڙا‘، ’غيباڻا سوار‘ (2023ع) ڇپجي چڪا آهن. هو پھرين SLA (سنڌ ليڪچرس ائسوسيئيشن) ۽ بعد ۾ سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرر ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. هن 30 سيپٽمبر 2018ع تي ڪراچيءَ جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.07.09  عيسوي

پروفيسر لياقت عزيز 9 جولاءِ 1949ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ خميسي خان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2018.09.30  عيسوي

پروفيسر لياقت عزيزسولنگي 30 سيپٽمبر 2018ع تي ڪراچيءَ جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد رضا بروهي
امام بخش قادري
علياڻي بھادر خان
گوتم راٺي
عمرو بن محمد بن قاسم
اڪبر حيدر سومرو
ڀڳت واڌورام
راجا پٿوراءِ
شير محمد خان بجاراڻي
ڪوشليا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون