لوڻ کاڻ راند: ٻارن ۽ نوجوانن جي راند، جنھن کي ’لوڻ کڻڻ‘ راند چئبو آهي، هن ۾ ڪيترا ئي ڇوڪرا گڏجي راند کيڏي سگهندا آهن. پھرين لوڻ کاڻ جو خاڪو يا دريون ڪڍندا. هڪ ويڪري پٽي وارو گولائون چڪرو ڪڍبو. ان ۾ آمهون سامهون دريون ڪڍبيون، جي هڪٻئي کي وچ تي ڪٽينديون. وچ تي، جيڪا چونڪڙي ٺھي اها ٿيندي لوڻ رکڻ جي کاڻ. جتي مٽيءَ جو ڍڳ ٺاهي رکندا. هڪڙو ڄڻو آڳ ڏيندڙ ان ڍڳ واري هنڌ، لوڻ جو راکو ٿي آڳ ڏيندو. لوڻ کاڻ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪڙو ٻارٽ يا دروازو ٻارين کان سامهون پر ڊگهيرو هوندو، جنھن تان ٽپ ڏيئي ٻاهر اُڪربو. درين کانسواءِ جيڪي لوڻ کاڻ جا ٽڪنڊا خال آهن، تن ۾ نڪو رانديگر نڪو آڳ ڏيندڙ پير وجهندو. آڳ ڏيندڙ به گهيري ۾ ڊوڙي درين ۾ هلي ڪنھن کي به کاپائيندو. ٻيا رانديگر گهيري ۾ پکڙي بيھندا.
جيئن ئي آڳ ڏيندڙ ڪنھن جي پويان پيو ته ٻيا رانديگر ٻارين مان ڊوڙندا، لوڻ يعني مٽيءَ جي مُٺ ڀريندا، ٻارٽ ٽپي ٻاهر پيا نڪرندا. آڳ ڏيندڙ انهن کي هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو، جنھن کي هٿ لڳو سو کاتو، وري اهو لوڻ جي سنڀال لاءِ آڳ ڏيندو.