لوڻ کاڻ: هي آڳاٽو ڳوٺ يونين ڪائونسل ڀوپيءَ، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾، کپري شھر کان 7 ڪلو ميٽر اولهه ۾ آهي. لوڻ کاڻ نالي بابت مختلف روايتون آهن. جن مان هڪ هيءَ به روايت آهي ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هتي لوڻو نالي هندو رهندو هو. جنھن گهر اڏڻ لاءِ هتي کڏ کوٽي مٽي ڪڍي، مٽي سٺي هجڻ ڪري ان مان پوءِ ٻين مقامي ماڻهن به مٽي ڪڍڻ شروع ڪئي. جنھن ڪري وڏي کڏ ٿي پئي، جيڪا اُن هندو لوڻي جي نالي سان سڏجڻ لڳي. وقت گذرڻ سان اُها کڏ لوڻ کاڻ سڏجڻ لڳي. اڳتي هلي رهائشي آبادي وڌڻ ڪري چڱو ڳوٺ ٿي ويو. هن وقت ننڍڙو ڪاروباري مرڪز قائم آهي. هي ڳوٺ روڊ ذريعي کپري، سانگهڙ ۽ ٽنڊي مٺا خان کانسواءِ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن سان ڳنڍيل آهي. هتان جي آبادي 5000 کان وڌيڪ آهي.