لوڪ گيت

لوڪ گيت: لوڪ گيت اهڙي آڳاٽي شاعريءَ کي چيو وڃي ٿو، جنھن جي شاعر جي نالي جي سُڌ نه هجي پر اهي گهڻن زمانن کان پيڙهي به پيڙهي ڳائبا رهيا هجن. انهن گيتن ۾ اجتماعي جذبن، احساسن، آسُن، اُميدن ۽ ڏکن سکن جي ترجماني ٿيل هوندي آهي. لوڪ گيت، هر ملڪ ۽ ان جي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو هوندا آهن. سنڌي لوڪ گيت، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ جي عام زندگيءَ جو عڪس نمايان طور نظر اچي ٿو. لوڪ گيت سڄي سنڌ ۾ عام، مقبول ۽ مروج آهن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايا وڃن ٿا. جيئن ’جمالو‘ سڄي سنڌ جو عام مقبول لوڪ گيت توڙي لوڪ ناچ آهي، ايئن ’ڇلو‘ خاص طرح اُتر جو لوڪ گيت آهي ۽ ميرپور ماٿيلي کان وٺي نوابشاهه ضلعي تائين هلندڙ آهي. ’مورو‘ بنيادي طور ڪوهستان جو لوڪ گيت آهي، اهو ڪوهستان جي ايراضيءَ سان گڏ، سنڌ جي اترين حصي ۾ پڻ رائج ٿيو ۽ اڄ تائين ڪوهستان توڙي ٻين علائقن ۾ رائج آهي. ’لولي‘، ’ٻيلڻ‘، ’گامڻ‘، ’موڏي‘، ’لئيڪو‘ اتر جا عوامي گيت آهن ۽ اڪثر جتن ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ قبيلن ۾ عام رائج آهن.
اڪثر لوڪ گيت ڪن خاص موقعن، موسمن، ڌنڌن ۽ پيشن جا گيت آهن ۽ انهيءَ مناسبت سان ئي ڳائجن ٿا. ’جمالو‘ ۽ ’سرور‘ شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ڳائجن ٿا. ’مُجرو‘ پير مرشد جي اچڻ وقت آجيان طور ڳائجي ٿو. ’جاڳا‘ رمضان مھيني ۾ اسر ويل ڳائجن ٿا. ٿرپارڪر جا اڪثر لوڪ گيت برسات جي مند بابت آهن، ’راڻو‘، ’بادليئو‘، ’رائڌڻ ور‘، ’ورساڙو‘، ’چوماسو‘، ’سانوڻ ٽيج‘، ’هچڪي‘، ’للرياڙي لو‘، ’خيالي گومند‘ پھرين وسڪاري بعد ڳائجن ٿا. ’ڀئيئو‘ وسڪاري جي مند ۾ پھرين گُڏ ۽ پوءِ لاباري وقت ڳائجي ٿو. ’پڻھاري‘ ۽ ’هينڍامڻي‘ عورتون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائينديون آهن. ’لمڪيان ڙي لو‘ ڏٿ چونڊڻ وقت ڳايو ويندو آهي. ’ڍولو‘، ’رومال‘، ’جلالو‘، ’ڪانگلڙو‘ ۽ ’اوڏڻ‘ خوشين جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن.
لوڪ گيتن جا ڪيترائي قسم آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف موقعن تي ڳائجندڙ لوڪ گيتن جا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ 57 قسم ڏنا آهن، جن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول لوڪ گيتن جا پنج قسم، اتر سنڌ جي لوڪ گيتن جا اٺ قسم، ڪوهستاني گيتن جا ٻه قسم ۽ ٿرپارڪر مان 42 قسمن جا گيت شامل آهن. جڏهن ته ٿر جي نوجوان اديب ڀارو مل امراڻيءَ، ٿر جا 14 نوان لوڪ گيت، پنھنجي تحقيقي ڪتابڙي ’گيت ساوڻ جا من ڀانوڻ جا‘ ۾ ڏنا آهن، جن ۾ ’راسوڙو‘، ’پڌارو‘، ’مھندي‘، ’امراڻو‘، ’گهنگهور‘، ’ڪيوڙو‘، ’سانڀو‘، ’موريو‘ ۽ ’ڀئيو‘ اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت ٻني، ڪڇ (ڀارت) جي نوجوان اديب ڪلاڌر متوا ’مُتوَن جا گيت‘، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ دهليءَ جي پاسي رهندڙ سنڌي اوڏن جا گيت، نارائڻ ڀارتيءَ، ڏاڏين، نانين ۽ پوڙهين عورتن کان ٻُڌل لوڪ گيت، لاڏا، ڪوڏاڻا، شاديءَ، وهانءُ، نڻان ڀاڄائيءَ جا گيت وغيره گڏ ڪري ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ، پنھنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ’ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت‘ ۾ سنڌ، خاص ڪري ٿر جي گيتن سان گڏ ڪڇ ۾ رهندڙ سنڌي قبيلن سوڍن، نوتيارن، سمن، متون، ڪولهين، ميگهواڙن، ريٻارين، ٻاون ۽ راڌا ڪرشنا جا لوڪ گيت به شامل ڪيا آهن، جن ۾ ’گجيو‘ (ڪولهين جو گيت) ۽ ’ڦوٽاڻو‘ (جنھن ۾ گهوٽيتن کي ڪنواريتن پاران گيتڪار عورتون طعنا ڏينديون آهن) بلڪل نوان گيت آهن. جديد شاعرن مان شيخ اياز ’چيڻو‘، ’لمڪيان ڙي لو‘، ’سانوڻ ٽيج‘، ’مڻهيار‘، ’ڪرهو‘، ’ڇيڄ‘ ۽ ’همرچو‘ لکيا آهن. انهن لوڪ گيتن مان اڪثر لوڪ گيت، ٿر ۾ اڳ ۾ ئي مروج آهن، پر اياز انهن ۾ ڪافي جدت آندي آهي، جڏهن ته نياز همايونيءَ ’چيڻو‘، ’همرچو‘، ’سنيھو‘، ’ڍاٽيئڙو‘، ’ڇيڄ‘، ’مور ٿو ٽلي‘، ’جمالو‘، ’لولي‘، ’لاڏو‘ جھڙن مروج لوڪ گيتن کي نئين انداز ۾ لکڻ سان گڏ ’ٻاگهي‘، ’اوٺيئڙو‘، ’مانجهيئڙو‘ لوڪ ناچ (ڪورين جو گيت)، ’بالو‘، ’ماهيا‘، ’هنبوڇي‘، ’اُوڙو‘، ’موئرو‘ ۽ ’تاسرڙو‘ سندس تخليق ڪيل بنھه نوان لوڪ گيت آهن، جن مان ’اوڙي‘ ۽ ’موئري‘ کي زرعي پسمنظر آهي، جڏهن ته ’تاسرڙي‘ کي تاريخي پسمنظر سان پيش ڪيو ويو آهي. استاد بخاري، تاجل بيوس، سرمد چانڊيي ۽ ٻين به لوڪ گيت لکيا آهن.


لفظ لوڪ گيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو