لوڪ ادب: لوڪ ادب جي معنيٰ آهي: عام ماڻهن جو اهڙو ادب، جيڪو زباني ۽ صدري روايتن ذريعي هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين گهڻي زماني کان منتقل ٿي محفوظ ٿيو هجي. هي ادب روايتن، عقيدن، رسمن ۽ ڏندڪٿائن جو اهڙو مجموعو آهي، جنھن ۾ روايتي قصا، آکاڻيون، پھاڪا، چوڻيون، لوڪ گيت ۽ ٻيون نثري ۽ شاعراڻيون صنفون شامل هونديون آهن، جن جو تخليقڪار عام ماڻهو، خاص ڪري ٻھراڙيءَ جو گهٽ يا اڻ پڙهيو، پر سياڻو فرد، سُگهڙ هوندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي، جنھن ۾ سنڌي ماڻهن جي تاريخي احوال ۽ تھذيبي اهڃاڻ، لوڪ ڏاهپ ۽ قومي ثقافت جا اولڙا ڏسي ۽ معلوم ڪري سگهجن ٿا. لوڪ ادب جي اهميت کي محسوس ڪندي، 1956ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ’لوڪ ادب اسڪيم‘ منظور ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ ڪم شروع ڪرايو. ان رٿا هيٺ هر تعلقي ۾ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، جن ڳوٺن، وستين واهڻن مان لوڪ داستان، ڳجهارتون ۽ پروليون، ڏور ۽ هنر وارا بيت، سھرا ۽ ڳيچ، سوڻ ساٺ، ريتون رسمون، لوڪ گيت، پھاڪا ۽ آکاڻيون وغيره سھيڙيون ۽ پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ به هنڌين ماڳين پنڌ ڪري مواد هٿ ڪيو ۽ سموري مواد جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ان کي ترتيب ڏنو ۽ لوڪ قصا، لوڪ گيت، پھاڪا، مولود، مداحون، ٽيھه اکريون، ڪافيون، ڳجهارتون، سينگار، ڏور، ڌنون، واقعاتي بيت ۽ منقبت وغيره کي اوڻيتاليھه جلد ۽ ٻائيتاليھه ڪتابي صورت ۾ ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ به ڊاڪٽر بلوچ جي رهاڻ هيرن کاڻ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لوڪ ادب جو ذخيرو موجود آهي. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، محمد سومار شيخ، رائچند راٺوڙ، عطا حسين شاهه موسوي، منگهارام اوجها، ولي محمد طاهرزادي، محمد عثمان ڏيپلائي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ’اديب‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن لوڪ ادب جي سھيڙ جو ڪم ڪيو آهي.
ساڳيءَ ريت هندستان ۾ اهڙن عالمن ۽ اديبن ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، لالجي همٿو جي سوٽھڙ، ڪشني ڦلواڻي، جگديش شھدادپوري، ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي، ڪلاڌر متوا، سترامداس ’سائل‘ ۽ ٻين جو ڪم ٿيل آهي.