ڏوڏيجا، لوڪرام: جهونو صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجا، 4 نومبر 1907ع تي شڪارپور، سنڌ ۾ پيسو مل ڏوڏيجا جي گهر ۾ پيدا ٿيو. لوڪرام بنيادي تعليم شڪارپور مان ورتي. انهن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ ڪيترائي اسڪول هئا. 1918ع ۾ جڏهن لوڪرام ڏوڏيجا هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو تہ ان اسڪول جو هيڊ ماستر ديوان خوبچند چئناڻي هو. سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ وزيراعظم سر غلام حسين هدايت ﷲ بہ ان هيڊماستر وٽ پڙهيو هو.
تعليم مڪمل ڪرڻ بعد لوڪرام پنهنجو اباڻو ڌنڌو يعني واپار وڙو شروع ڪيو. لوڪرام لاءِ مشھور آهي تہ 1922ع ۾ جڏهن هُو تيرهن سالن جو نوجوان هو تہ کيس ساڌو ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ هڪ ڏينهن پنھنجي دوست جي. وي. ڏيساڻيءَ سان گڏ، گهر ڇڏي هماليا جبلن ڏانهن روانو ٿي ويو، پر رستي تي بيمار ٿيڻ ڪري، ٻئي هردوار شھر ۾ ترسي پيا، جتي لوڪرام جو وڏو ڀاءُ کين ڳوليندو اچي نڪتو ۽ لوڪرام کي وٺي واپس شڪارپور آيو.
لوڪرام ٻہ شاديون ڪيون. پهرين 1930ع ۾ موهن داس منيال جي ڌيءَ بنسي منيال سان، جنهن مان فقط هڪ پٽ گرڌاري لعل ٿيس. ان جي لاڏاڻي بعد ٻي شادي مٿراداس روهڙا جي ڌيءَ ڪملا سان 1932ع ۾ ڪيائين. ڪملا مان کيس ست ٻار ٿيا، جن مان پرهلاد، ڀڳوان، راڻي، بنسيدر ۽ سرسوتي شڪارپور ۾ ڄاوا ۽ سڀدرا ۽ منوهر پوني ۾ ڄاوا.لوڪرام ڏوڏيجا جو والد، 1931ع ۾ وفات ڪري ويو. لوڪرام ابتدا ۾ الائيڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو. ان سان گڏوگڏ ’سنڌ اسٽيشنري مارٽ‘ نالي سان اسٽيشنريءَ جو ڪاروبار بہ جاري رکيائين. 1940ع ۾ پنھنجي ڀيڻوئي ڪرمچند، دوستن: ڪنيالال ۽ مسٽر وليچا سان گڏجي حيدرآباد ۾ انڊس گلاس فئڪٽري لڳايائين.لوڪرام ڪاميابيءَ سان ڌنڌو ۽ ڪارخانو هلايو، حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽريءَ ۾ 600 کن ماڻهو ڪم ڪندا هئا ۽ 250 قسم جون بوتلون ۽ گلاس ٺهندا هئا، جن جو وڪرو نہ فقط سنڌ ۾ پر بمبئي، جوڌپور، اڌيپور، اجمير، ڪاٺياواڙ، گجرات، مدراس، دهلي، راولپنڊي، پشاور، افغانستان ۽ آفريڪا جي شهرن ۾ بہ ٿيندو هو. لوڪرام کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ مطالعي جو شوق پيءُ کان ورثي ۾ مليو هو، ان ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين ڪتابن جو مطالعو جاري رکيائين.
1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لوڪرام ڏوڏيجا، ڪراچيءَ مان لڏي ممبئيءَ اچي رهيو، جتي هن ڪاغذ جو واپار شروع ڪيو ۽ ’نوبل پيپر مارٽ‘ نالي ڪاغذ جي ٽريڊنگ ڪمپني شروع ڪئي. آهستي آهستي ان ڪمپنيءَ ترقي ڪئي ۽ هن ٻين مائٽن کي پاڻ سان شامل ڪري احمد آباد، سولاپور، سڪندرآباد ۽ پوني ۾ ڪمپنيءَ جون برانچون کوليون، بعد ۾ نوبل ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ممبئيءَ مان شفٽ ڪري پوني ۾ رکي وئي، جنهن کي سندس پٽ گرڌاري لال ۽ ان جي لاڏاڻي کان پوءِ گرڌاري لال جو پٽ هريش هلائي ٿو. مختلف قسمن جي ڪاغذن جي وڪري کان سواءِ وٽن هندي، مرهٽي، انگريزي، گجراتي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپائي پڻ ٿئي ٿي.
لوڪرام ڏوڏيجا پنج ڪتاب لکيا، اهي بہ وڏيءَ عمر ۾، پنجهتر سال گذرڻ بعد، پر سندس هڪ ڪتاب ’منهنجو وطن منهنجا ماڻهو‘ هند سنڌ ۾ تمام گهڻو مشھور ٿيو ۽ ٻنهي هنڌان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ لوڪرام سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جانورن، ٿر جي نانگن ۽ بلائن، ريگستان جي مورن ۽ هرڻن، باز سان هرڻ جي شڪار جي طريقن، ڪوهستان جي مردن ۽ عورتن، سنڌ ۾ تيرٿن ۽ زيارتن، سنڌ جي شهرن، گهٽين ۽ حويلين جو ماحول، شڪارپور جي مانجهي مردن، سنڌي ٻولي ۽ ادب، هندو زالن، سنڌ جي مختلف کاڌن: بِھہ، لوڙھہ، پٻڻ، گيدوڙن، ليسوڙن، ڀنگ، بوڻينڊن، پاپڙن ۽ پڪوڙن جو ذڪر موجود آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ذاتين، ريتن رسمن ۽ رواجن، هنرن ۽ ڌنڌن، چورن ۽ ڌاڙيلن، ڪڃرين ۽ ڀڳتن بابت دلچسپ ڳالهيون شامل آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن سميت هر قسم جي سماجي ۽ ثقافتي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انڊيا ۾ پهرين ديوناگري سنڌيءَ ۾ ڇپيو، پنجن سالن بعد 1983ع ۾ عربي سنڌيءَ ۾ ڇپيو، ڏهن سالن بعد 1993ع ۾ هي ڪتاب سنڌ ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد (سنڌ) وارن پڻ ڇپرايو. لوڪرام ڏوڏيجا جا ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: (1) منهنجو وطن منهنجا ماڻهو، (2) سڪار تو سفر (سفرنامو: 1976ع)، (3) اپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوي (پهريون ڇاپو: 1980ع، ٻيو ڇاپو: 1985ع، انڊيا ۽ ٽيون ڇاپو 1997ع، سنڌ)، (4) ورهاڱي جون لڱ ڪانڊاريندڙ آکاڻيون، ۽ (5) مهاڀارت، وغيرہ. لوڪرام ڏوڏيجا جي وفات 1988ع ۾ ٿي. آخري ڏينهن ۾ هُو پيٽ جي تڪليف ڪري ڪڏهن گهر تہ ڪڏهن اسپتال ۾ داخل ٿي ٿيو. دل جو مريض تہ اڳ ئي هو. کيس 1982ع ۾ دل جو دورو پيو هو. ان کان علاوہ هُو ڪجهہ گهرو پريشانين ڪري بہ ڏکويل رهيو ٿي. خاص ڪري سندس وڏي پٽ گرڌاري لعل ۽ سندس وچ ۾ ڪجهہ ذاتي ۽ ڪاروباري ضد پيدا ٿي پيا، ان ڪري 1975ع ۾ ئي هن ڪٽنب جي سڀني ڪمپنين کان رٽائرمينٽ ورتي هئي، پر جاين جڳهين ۽ ٻي پراپرٽيءَ تي هن جو پٽن سان ٺاھہ ٿي نہ سگهيو، جنهن جو کيس ڏاڍو ڏک رهيو.
1907.11.04 عيسوي
جهونو صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجا، 4 نومبر 1907ع تي شڪارپور، سنڌ ۾ پيسو مل ڏوڏيجا جي گهر ۾ پيدا ٿيو.