لوڙائو (راڳڻي): هيءَ راڳڻي سنڌي ڪافين، بينن/ پاين ۽ سُرندي وڄائڻ ۾ گهڻو هلي ٿي. سيوهاڻي شرنائيءَ وارا هن کي سٺو وڄائين ٿا. پھاڙيءَ سان مشابھت رکي ٿي. هي سر آروهي ۾ درگا سان ۽ امروهي ۾ ڪافيءَ سان ملي ٿو. هي راڳڻي گهڻو ڪري مڌم جي ٽيپ کان سا تائين قائم رهي ٿي. سنڌي ۾ هن راڳڻيءَ ۾ ڪافيون گهڻي انداز ۾ ڳايل آهن.
امروهي: ساني ڌا پا ماگا ري سا ما
آروهي: ساري ماپا ڌا سا