لوهم جو دڙو: لوهم جو دڙو، تعلقي دادوءَ جي مشھور ڳوٺ پاٽ جي ڀرسان ۽ رڪ ڪوٽڙي ريلوي لائين تي پيارو ڳوٺ اسٽيشن کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ موجود آهي. هي دڙو هڪ ميداني علائقي ۾ آهي، لوهم دڙي جي اتر طرف چڪڻ (Chikan) ڍنڍ آهي. آسپاس واري ايراضي هن ڍنڍ جي ڪري آباد آهي. تاريخ کان اڳ واري دور سان تعلق رکندڙ هن دڙي جي ماپ 900 فوٽ ڊيگهه ۽ 600 فوٽ ويڪر آهي. دڙي جي مٿي اوچائي 23 فوٽ کن ٿيندي، جنھن جي پکيڙ اوڀر کان اولهه آهي. آرڪيالاجي ماهر مسٽر ڊڪشٽ کي هن دڙي جي کوجنا دوران، ٽامي جون ڪجهه سيخون، پٿر جا رُهڙا ۽ موهن جي دڙي جي دور کان مختلف ٿانو مليا. هن دڙي جي ٻيھر کوٽائي اين. جي مجمدار ڪئي. جنھن به اڳوڻي کوٽائي ۾ مليل شين جھڙيون ڪيتريون ئي شيون لڌيون. هن ماڳ جي کوٽائي ٻن حصن يعني ٻن کاهين جي صورت ۾ ٿي، پھرين کاهي 80 فوٽ ڊگهي، 20 فوٽ ويڪر ۾، دڙي جي اتر طرف ۽ اوڀر کان اولهه ڏس تي کوٽي وئي. اها چوڌاري ميداني سطح کان 9 فوٽ مٿي آهي. کاهيءَ جي اولهه طرف هيٺ اونهائي 10 فوٽ 6 انچ مس هئي، پر اوڀر پاسي کان کاهيءَ جو ترو وڃي جر تي ڇڏيو اٿس، جيڪو اونهائيءَ ۾ 20 فوٽ آهي. جڏهن ته ٻي کاهي کي دڙي جي چوٽيءَ تان مٿان اتر ۽ ڏکڻ طرف ماپيو ويو آهي ۽ پھرين کاهيءَ کي وچ تي گوني ڪنڊ ۾ ڪاٽيو آهي. جڏهن ته پھرين کاهي مان هڪ پڪ سري ننڍي ڀت جو نشان ملي ٿو. ٻي ڀت، جيڪا چڱي اهميت جي لائق هئي، سا کاهي نمبر 2 جي ڏاکڻئي ڇيڙي وٽ هئي. ڄاڻايل ڀت 33 فوٽن تائين ڊيگهه ۾ کوٽائي ڪرڻ کان پوءِ ظاهر ٿي. اها هيٺ هلي ڪچين سرن واري هيٺئين تھه Sub-stratum تي بيٺي. اتي سنوت ۾ فرق هو، جيڪا 1 فوٽ کان وٺي 3 انچن تائين هيٺ لٿل هئي. پھرين کاهي جي وچ تي، پڪين سرن جي ڀت جي پيڙهه هيٺان ڪچين سرن جا باقاعده ڏنل بار پڻ موجود هئا. کاهي-1 ۽ کاهي-2 جي تري مان ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان 4 فوٽ مٿي ڀتين جا ترا ڏسڻ ۾ آيا، ٻنهي کاهين مان ٻين شين ۽ ٿانون جو ڀڳ، ڪچين سرن جي بار واري تھه تان مليو. تنھن ڪري معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو وستيءَ جو تھه ٻن تهن جي وچ تي موجود هو. ٻي کاهي ڀتين ظاهر ٿيڻ واري سطح کان هيٺ اونهي کوٽي وئي. مُک ڀت ۾ استعمال ٿيل پڪين سرن جون ماپون جدا جدا هيون. ٻي کاهي مان ڀنجهو ۽ سروٽا ڪڍي صاف ڪري، قديم تھه نروار ڪيو ويو. ان کان وڌيڪ هيٺين تھه ۾ پڪ سري اڏاوت موجود ڪانه هئي. جنھن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پوئين دور جي ماڻهن هيٺين تھه واريون سرون پڪين جاين مان ڪڍي، ڪتب آنديون آهن ۽ پوئين دور جي ڀتين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پڪن سروٽن جو استعمال ان حقيقت طرف اشارو ڪري ٿو. پھرئين کاهي جيڪا 20 فوٽ هيٺ اونهي کوٽي وئي هئي، تنھن مان ظاهر ٿيو، ته جيئن هيٺ کوٽيندا ته ٺڪرين جو تعداد گهٽ لڀندو. ويھن فوٽن جي آخري لپي تائين ڪجهه قدر ٺڪريون ملنديون رهيون. جنھن مان اندازو ٿيو ته پھرين قديم وستيءَ جا نشان اڃا به هيٺ هئا، قديم تھه يعني پڪين سرن جي ڀتين واري تھه کان هيٺان سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل ٺڪريون مليون، جن تي ناسي رنگ جي ڌاءَ مٿان ڪاري رنگ ۾ چٽسالي ٿيل هئي. اهي دڙي جي مٿاڇري کان 2 فوٽ هيٺ ۽ زمين جي مٿاڇري کان 4 فوٽ مٿان مليون.