لوهاڻا

لوهاڻا: لوهاڻا هندن جو هڪ واپاري قبيلو آهي. هي سوريا ڪل مان وشنو ديوتا ۽ درياءَ جا پوڄاري آهن. هنن کي ’وليچاري‘ پڻ چون ٿا، ليڪن هي وشنو نو به سڏجن ٿا. هنن جون سنڌ ۾ پنجاهه کن شاخون آهن، جن مان خداآبادي، سيوهاڻي، ميراڻا، رتناڻي، پوڄارا، دريالال، مياڻا، لوکاٿرا، لکواڻي، حيدرآبادي، لاڙي، ٿري، سنڌي، ڀائي بند ۽ عامل نھايت مشھور آهن. سنڌ جا لوهاڻا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن، هڪ عامل يا سرڪاري ملازم ۽ ٻيا واپاري. هنن ۾ اڪالي خالصا ۽ لوهاڻا سک به شامل آهن. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ڀاڱو پھريون 1946ع ص 244-243 تي لکي ٿو: ’لوهاڻا‘ اصل ۾ ’لواڻا‘ سري رام چند جي پٽ ’لوا‘ (Lova) جو اولاد آهن. هي اصل ۾ راٺوڙ راجپوتن مان هئا. ڪتوجه (ڪاليا ڪيجه) جي راجا جئچند ساڻن ظلم ڪيا، ’ورڻ‘ ديوتا جي حڪم تي اهي لوهي ڪوٽ (لوهه گڊ- لاهور) ۾ رهڻ لڳا ۽ ان نسبت ’لوهاڻا‘ سڏجڻ لڳا.‘ هڪ ٻئي حوالي موجب راجا اِشاڪو آريا جي 63 پيڙهيءَ ۾ سمراٽ راجا رَگُهو ٿي گذريو آهي، جنھن جو خاندان ’رگهوونش‘ جي نالي سان مشھور آهي. هي سج جا پوڄاري ۽ سورج ونشي مشھور ٿيا. راجا رگهوءَ جو پوٽو دسرٿ ايوڌيا جو راجا هو، جنھن کي چار پٽ رام، لڪشمڻ، ڀرت ۽ شتروگهن هئا. رام کي ٻه پٽ ’لو‘ ۽ ’ڪُش‘ هئا. لو، کي جيڪا راڄڌاني ملي ان کي ’لَولڪا‘ يا لوَ سڏيو ويو. 580 ق. م ۾ راجا بنبيسر هندستان جو حاڪم هو، ان ڏينھن ۾ سماج مختلف ڌنڌن ۽ ڪرتن جي بنياد تي مختلف ذاتين ۾ ورهائجي ويو. راجا لو جي پيڙهيءَ وارن کي ذات طور ’کتري‘ جو نالو ڏنو ويو. کين ’لواڻام‘، ’لواڻا‘ ۽ ’لوهاڻا‘ سڏيو ويو. اهي لوهار گهاٽ جا لواڻا، لوهاراڻا (تلوارن جا ڌڻي) بعد ۾ ’لوهاڻا‘ مشھور ٿيا. هن ڪيڙ مان ’وپرجسراج‘ (ڏاڏو جسراج) لوهر گڊهه جو راڻو، هڪ بھادر راجا هو، جنھن هٿان ملتان ۾ چنگيز خان منگول مارجي ويو. سنڌ ۾ اگهم نالي لوهاڻو مشھور ٿي گذريو آهي، جيڪو اگهم ڪوٽ ۾ رهندو هو. محمد بن قاسم جي حملي ۾ وڙهندي مارجي ويو. لوهاڻن جو زوال ڏسندي، راجا اڏيري لال (دريا لال) پٽ رتن لال نصرپوريءَ ظالم حاڪم ’مرک‘ سان وڙهي هندو لوهاڻن کي عزت افزا وارو ڪرايو. ماضيءَ ۾ لاهوري بندر ۽ ٺٽي جا واپاري لوهاڻا مشھور رهيا آهن. ٺٽي ۾ هڪ محلو ئي لوهاڻن جو هو. اڄڪلهه لوهاڻا سڄي سنڌ ۾ رهن ٿا.


لفظ لوهاڻاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو