لوهارَ (ذات): لوهه مان مختلف اوزار ۽ سامان ٺاهيندڙ يعني مختلف ذاتين جي ماڻهن کي لوهار سڏيو ويندو آهي. لوهار جو ذڪر هندن جي ابتدائي ڌرمي ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿو ۽ مختلف هنرن جي پٺيان نيون ذاتيون ٺھيون هيون، جيئن سونارا، ڪوري، ڪنڀار، لوهار وغيره. جيڪي اڳتي هلي پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ وڌيڪ مھارت حاصل ڪندا ويا. جن ۾ لوهار جو هنر آڳاٽو، ۽ ڪارآمد رهيو آهي. ’ٻُڌ دور‘ ۾ سنڌ اندر لوهارڪي هنر اهڙي ترقي ڪئي، جو انهي دور ۾ ڀالن، ترارين ۽ ڪھاڙين وغيره سان گڏ ڪوڏرون، پاڪيون ۽ وڍ ڪٽ جو سامان به تيار ٿيندو هو. لوهارن کي سنڌ ۾ ’ڪاريو‘ به چون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کين ’آڳڙيا‘/ ’آڳڙيو‘ به ڪوٺيو آهي. ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني کان لوهه کي آڳ يعني باهه ڏئي گرم ڪري ان مان سامان ٺاهيو ويندو آهي.